ٽورنٽو (اسپورٽس ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي کي ڊي هنڊريڊ ليگ ۾ کيڏڻ کان انڪار باوجود لکين رُپيا ملندا. پرڏيهي ميڊيا موجب، شاهين آفريدي کي دي هنڊريڊ جي انتظاميا 17 لک 61 هزار کان وڌيڪ رُپيا ادا ڪندي، هن گلوبل ٽي ٽوئنٽي ليگ خاطر دي هنڊريڊ ليگ ۾ کيڏڻ تان هٿ کڻي ورتو هو. شاهين آفريديءَ کي پنج هزار پائونڊ اميج رائٽس جي مد ۾ ملندا، ٽورنامينٽ ۾ سائن ڪندڙ رانديگرن کي اميج رائٽس جي عيوض سندن ڪانٽريڪٽ جي پنج سيڪڙو رقم ملندي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، دي هنڊريڊ ليگ ۾ ويلش فائر شاهين آفريدي کي هڪ لک پائونڊ ۾ برقرار رکيو هو، ويلش ميٽ شاهين جي انڪار کانپوءِ نيوزيلينڊ جي ميٽ هينري کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪري ورتو آهي. ڪيوي فاسٽ بالر ميٽ هنيري کي شاهين جي وڃڻ کانپوءِ اميج رائٽس جا پئسا نه ملندا.