ابوظهبي ( اسپورٽس نيوز ) گڏيل عرب رياستن ۾ جاري انٽرنيشنل ليگ ٽي ٽوئنٽي جي فوٽو شوٽ دوران شاهين آفريدي ساٿي ڪرڪيٽر اعظم خان سان شرارت ڪرڻ کان نه مڙيو. ميچ جي بهترين بالر تيار ڪيل وائٽ بيلٽ شاهين آفريدي اعظم خان جي چيلهه تي ٻڌي ۽ ان دوران اعظم خان به مشهور ريسلر جي نقل جي ڪوشش ڪندو رهيو. ان دوران ٻنهي ڪرڪيٽرز جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي ۽ شاهين آفريدي ۽ اعظم خان جا مداح وڊيو تي دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن..