سنجهورو(رپورٽ: انيس لغاري) سنجهوري ويجهو راوتياڻي وٽ شاهين انرجي پرائيويٽ لميٽيڊ طرفان مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏيڻ خلاف ڳوٺاڻن جو ايڊمن آفيسر جو گهيراءُ، گارڊ ڳوٺاڻن تي هٿيار تاڻي ورتا، ايڊمن آفيسر طرفان ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار، نوابشاهه سانگهڙ مين روڊ بند ڪري احتجاج، پوليس طلب، خبر موجب ڳوٺ کٻڙ خان چاڪراڻي واسين علي رضا چاڪراڻي، منور چاڪراڻي، ارشاد چاڪراڻي ۽ اختيار چاڪراڻي مقامي ماڻهن کي نوڪريون نه ڏيڻ خلاف شاهين انرجي پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني جي ايڊمن آفيسرن اڪرم پٺاڻ، شڪيل احمد ۽ ظهور احمد جي گاڏي جو گهيراءُ ڪري احتجاج ڪيو ته ايڊمن آفيسرن جي گارڊ مقامي نوجوانن مٿان هٿيار سڌا ڪري ورتا، جنهن دوران ڇڪتاڻ پيدا ٿي پئي، گارڊ جي ارهه زورائي ۽ ايڊمن آفيسرن جي اڍنگي رويي خلاف مقامي نوجوانن نوابشاھ سانگهڙ روڊ بند ڪري سخت احتجاج ڪيو، مقامي نوجوانن ايڊمن آفيسر اڪرم پٺاڻ کان پڇاڻو ڪندي چيو ته شاهين انرجي لميٽيڊ ڪمپني مقامي ڳوٺاڻن کي روزگار ڏيڻ بجاءِ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي ماڻهن کي ڀرتي ڪري رهي آهي، هنن چيو ته بورچي ۽ موذن جي پوسٽن تي به پنجاب کان آيل ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سيڪيورٽي گارڊز جي نوڪرين ۾ به ڪي پي جا ماڻهو کنيا ويا آهن، جيڪا مقامي ماڻهن سان سراسر زيادتي آهي، نوجوان علي رضا چاڪراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شاهين انرجي پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني ۾ صرف 2 مقامي سنڌي نوجوانن کي ڀرتي ڪيو ويو هو، جن کي به گذريل رات ايڊمن واٽس ايپ ميسيج ڪري نوڪرين تان فارغ ڪري ڇڏيو ته اسان پنجاب مان ماڻهو گهرائي ڇڏيا آهن، توهان کي اچڻ جي ضرورت ناهي، هن چيو ته زمينون اسان جون، قدرتي وسيلا گيس ۽ تيل سنڌ جا ۽ نوڪريون وري پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي ماڻهن لاءِ آهن، هوڏانهن نوجوانن جي ايڊمن آفيسرن سان منهن ماري بعد فيڪٽري انتظاميه پوليس نفري طلب ڪري ورتي ۽ مختلف ٿاڻن جون 5 موبائيلون احتجاج ۾ پهچي نوابشاھ سانگهڙ روڊ کولرايو، ان موقعي تي زبردستي روڊ کولرائڻ تان نوجوانن جي ايس ايچ او سنجهورو محمد علي زرداري سان منهن ماري به ٿي ۽ ايس ايچ او نوجوانن کي اي ٽي سي جي ايف آءِ آر جي ڌمڪي به ڏني.