لنڊن ( اسپورٽس نيوز)  پاڪستان جي بهترين بالر شاهين آفريدي بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪندي هڪ ٻي سوڀ ناٽنگهم شائر جي  جهولي ۾ وجهي ڇڏي، برممنگهم بيٽرز خلاف راند دوران  ٽوئنٽي بلاسٽ دوران 3 اهم وڪيٽون حاصل ڪري ورتيون جنهن جي نتيجي ۾ شائر کي وڏي ڪاميابي ملي وئيشاهين آفريدي گذريل ميچ ۾ ووسٽر شائر خلاف 45 رنسون ڏئي صرف هڪ وڪيٽ ورتي هئي پر برمنگهم بيٽرز کي هن ٽوٽا چٻرائي ڇڏيا، شاهين آفريدي پراعتماد نموني برمنگهم خلاف شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪري مخالف ٽيم جي ڪپتان معين علي ۽ ايڊ برنارڊ سميت 3 اهم وڪيٽون حاصل ڪري پنهنجي ٽيم کي سوڀ ڏياري، شاهين آفريدي جي بهترين بالنگ کي تمام گهڻو ساراهيو ويو