باقراڻي (ن پ ا) جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ دودو ديشي پريس ڪلب باقراڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته راڻي پور ۾ معصوم نياڻي فاطمه ڦرڙو واقعو افسوس ناڪ آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي. هن چيو ته سنڌ اندر روزانو معصوم نياڻيون اسد شاهه جهڙي بدبو دار ڪردارن جي حيوانيت جو شڪار ٿين ٿيون، اهڙن ڪردارن کي وائکو ڪرڻ تي صحافين کي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته هن واقعي ۾ جيڪو ذميوار ۽ ڏوهاري آهي ان خلاف ڳالهايو وڃي ٻين درگاهن ۽ پيرن، سيدن کي نشانو نه بڻايو وڃي. هن چيو ته سکر جي شھيد صحافي جان محمد مهر جو بيگناهه قتل سنڌ جي شعور جو قتل آهي ، جنهن جي سخت لفظن سان مذمت ڪيون ٿا ۽ ملوث سمورن جوابدارن ۽ سهولتڪارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪريون ٿا. هن چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته شاهوڪار سنڌ جا وارث هڪ ويلي لاءِ پريشان آهن  سنڌ جي وسيلن تي قبضن، سنڌ جي شهرن تي قبضن ۽ ڌارين جي آبادڪاري وارو سلسلو جاري آهي جنهن سبب سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان کي هاڻي بيدار ٿيڻو پوندو ۽ پنهنجي ڌرتيءَ پنهنجي وسيلن ۽ ماڻهن جي مالڪي ڪرڻي پوندي.