بلڙي شاه ڪريم (ن پ ا) حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي عرس مبارڪ تي آيل شڪار پور جي ڳوٺ مسيتي ناپر جي رھواسڻ 22 سالن جي نوجوان ناري نظيران ڌي عزيز الله ناپر پراسرار نموني گم ٿي وئي، سندس وارثن پاران بلڙي شاھه ڪريم ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي پر ناري جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگھيو آهي، ناريءِ جي والد عزيز الله ناپر بلڙي شاھ ڪريم ۾ ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چيو ته منھنجي نياڻي نظيران ناپر ڪالھ کان لاپتا آهي مون پوليس کي به اطلاع ڏنو آهي پر ڪنھن به منھنجي نياڻي جي ڳولا ۾ مدد ناھي ڪئي منھنجي نياڻي جو دماغي توازن به درست ناهي، شڪ آهي ته منھنجي نياڻي  کي ڪير اغوا ڪري کڻي ويو آهي، هن مطالبو ڪيو ته اختياريون فوري طور نوٽيس وٺي جاچ ڪري نياڻي جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي،  ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ايڇ او بلڙي شاھ ڪريم عبدالحڪيم سومرو ٻڌايو چيو ته والدين سندن نياڻي نظيران جي گم ٿيڻ جي اين سي داخل ڪرائي ويا آهن اسان ڪوشش ڪيون پيا ته نياڻي ھٿ اچي وڃي.