ميهڙ(ن پ ا) ميهڙ ڀرسان شاھ پنجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ محبت لاکير ۾ گهٽي ۽ نيڪال جي معاملي مان سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو لوهيون سيخون ۽ ڏنڊا لڳڻ سبب ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ شيراز سولنگي,ڪامران سولنگي ۽ ٻيا شامل آهن زخمين کي تعلقي اسپتال ميھڙ آندو ويو جتي زخمين جي حالت نازڪ ھجڻ ڪري وڌيڪ اعلاج لاء لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو تعلقه اسپتال ۾ زخمين ٻڌايو ته جوابدارن گھٽي مان لنگھ ۽ نيڪال ڪڍڻ تان روڪڻ تي اسان مٿان ڏمرجي پيا آھن ھنن چيو ته جوابدار قربان ، ضمير ۽ ٻين حملو ڪري اسان ٻن ڀائرن کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آھن خدارا نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي ھوڏانھن جھيڙي جي اطلاع بعد شاھ پنجو پوليس ڪا به ڪاروائي ڪري نه سگھي ڌريون ويجھا عزيز ھجڻ ڪري وڌيڪ خونريزي وڌڻ جو خدشو آهي آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪو به ڪيس شاھ پنجو ٿاڻي تي داخل ناهي ٿي سگھيو