ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڊاڪٽر شاهه نواز قتل ڪيس ۾ نامزد محمد آصف رضا کي پوسٽنگ ملي وئي، آصف رضا کي ايس ايس پي اي وي سي سي مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر قتل ڪيس ۾ آصف رضا نامزد هو. پوليس ذريعن موجب ڊاڪٽر شاهنواز قتل ڪيس انڪوائري ۾ محمد آصف رضا بي ڏوهي ثابت ٿيو، محمد آصف رضا جي لوڪيشن بعد واردات واري هنڌ جي نه هئي، سندس ملوث هجڻ جون شاهديون نه مليون. آئي جي سنڌ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب عبدالله ميمڻ کي ايس پي انويسٽيگيشن حيدرآباد، انيل حيدر کي ايس پي انويسٽيگيشن شهيد بينظير آباد، عبدالغفور لاکو کي ايس پي انويسٽيگيشن سکر، شوڪت شاهاڻي کي ايس پي انويسٽيگيشن ميرپورخاص مقرر ڪيو ويو ۽ ايس ڊي پي او رتوديرو محمد علي کي ايس پي انويسٽيگيشن لاڙڪاڻي جي وقتي چارج ڏني وئي