شاهه محمود قريشي کي نظربند ڪرڻ جو حڪم

0
43

راولپنڊي جي ضلعي انتظاميا سائيفر ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد ٿيڻ کان اڳ ئي شاهه محمود قريشي جي نظربندي جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا

ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي سٽي جي چيف پوليس آفيسر جي هدايتن جي روشني ۾ نظربندي جا حڪم جاري ڪيا

ڊي سي پاران جاري ڪيل حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته شاهه محمود قريشي 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث آهي، سندس نظربندي جا حڪم ٿري ايم پي او تحت جاري ڪيا ويا آهن

سپريم ڪورٽ سائيفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني ۽ شاهه محمود قريشي جون ضمانت واريون درخواستون منظور ڪيون هيون

عدالت ٻنهي اڳواڻن کي 10-10 لک روپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جون هدايتون ڏنيون هيون

شاهه محمود قريشي جي وڪيلن پاران مچلڪا جمع ڪرائڻ بعد عدالت ضمانت تي آزادي بابت روبڪار به جاري ڪيو هو