راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمد قريشي کي پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي (پي آءِ سي) مان ڊسچارج ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ کيس پوليس جي سخت پهري ۾ واپس ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪيو ويو. جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي ٻڌايو ته ڊاڪٽرز موجب منهنجي صحت اڃا سفر جي اجازت نه ٿي ڏئي، منهنجي سٽي اسڪين ۽ اينجيوگرافي اڃا ٿيڻي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسپتال انتظاميا کان پنهنجو ميڊيڪل فائل ڏسڻ جو مطالبو ڪيو هو پر انهن فائل ڏيکارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.