ڄامشورو(پورٽر) سروري تنظيم ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سياسي، روحاني ۽ علمي خاندان جي سربراهه شاهه محمود قريشي کي دل جو دورو پوڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته شاهه محمود قريشي پاڪستان جي سياسي ۽ روحاني حلقن ۾ هڪ معزز ۽ ذهين شخصيت طور سڃاتو وڃي ٿو، هن وقت پنهنجي آزادي کان محروم آهي. سندس صحت جي خراب صورتحال تي روحاني خاندان گهري فڪرمنديءَ جو اظهار ڪيو آهي. اسان مخدوم خاندان جو حصو هجڻ جي ناتي مطالبو ڪريون ٿا ته جيڪڏهن شاهه محمود قريشي تي ڪا حڪومت مخالف سرگرمي ثابت ناهي ته کيس فوري طور آزادي ڏني وڃي. ٻي صورت ۾جيڪڏهن آزادي ممڪن نه هجي، ته گهٽ ۾ گهٽ کيس سندس رهائشگاهه تي نظر بند ڪري، بهتر طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن سندس صحت ۾ سڌارو اچي سگهي. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ وڌيڪ چيو ته شاهه محمود قريشي رڳو هڪ سياسي اڳواڻ نه پر پاڪستان جي روحاني ورثي جو نيڪ نالو رکندڙ فرد آهي، جن جي دلين ۾ هزارين عقيدتمند رهائش ڪن ٿا. حڪومت کان پرزور اپيل آهي ته هو انساني بنيادن تي هن معاملي کي ڏسن. اسين دعاڳو آهيون ته الله سائين کان دعا گهرون ٿا ته مخدوم شاهه محمود قريشي کي مڪمل صحتيابي عطا فرمائي، جيئن هو اڳ وانگر پنهنجون روحاني ۽ سماجي خدمتون جاري رکي سگهي.