ڪراچي (م ڊ) سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ نواز ليگ اڳواڻ محمد زبير چيو آهي ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آرٽيڪل 370 کي ڀارت جو اندروني معاملو قرار ڏنو، تاريخي يوٽرن آهي. سوشل رابطن واري سائيٽ ٽوئيٽر تي بيان ۾ محمد زبير چيو ته شاهه محمود قريشي چوي ٿو ته پاڪستان کي ڀارت جي آرٽيڪل 370 واري فيصلي سان ڪوبه مسئلو نه آهي ۽ هي ڀارت جو اندروني معاملو آهي، محمد زبير سوال ڪيو ته اِهو تاريخي يوٽرن آهي؟ ڇا پاڪستان ڪشمير بابت تاريخي موقف کان پوئتي هٽڻ تي راضي آهي؟. هن چيو ته ڀارت آرٽيڪل 370 ذريعي ڳڙ ٻڙ ڪري ڪشمير کي وفاقي اڪائي بڻائي ڇڏيو، جيڪو 1948ع کان نه پيو ڪري سگهي، جيڪڏهن ڀارتي انتظام هيٺ ڪشمير ڀارتي وفاق جو حصو آهي ۽ اسان ان کي قبول ڪريون ٿا ته پوءِ اسانجي تاريخي موقف جو ڇا ٿيندو؟.