ڇاڇرو(ن پ ا) سائفر ڪيس ۾ عدالت پاران شاھ محمود قريشي کي سزا جو فيصلو  ٻڌائڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اڳوڻي ايم اين اي لال مالهي ۽ غوثيه جماعت جي ٻين اڳواڻن پاران سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ملتان جي تڪن تان شاھ محمود قريشي جا فارم رد ٿيڻ بعد ٿرپارڪر جي اين اي 214 تي شاھ محمود قريشي خلاف سائفر ڪيس ۾ سزا ٻڌائڻ بعد زين حسين قريشي اميدوار آهي، لال مالهي وڌيڪ چيو حالات ڪهڙا به هجن هر حال ۾ پوري ملڪ ۾ اسان جا اميدوار آزاد حيثيت ۾ مقابلو ڪندا ۽ ظلم جو بدلو ووٽ ذريعي وٺنداسين.