خيرپور (رپورٽر) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ شاگرد سوسائٽيز جي سهڪار سان ڀارت طرفان انڊس واٽر ٽريٽي جي يڪطرفي معطلي خلاف سيمينار ۽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هن تقريب جو مقصد ڀارت جي آبي جارحيت جي سخت مذمت ڪرڻ ۽ ان جي خطرناڪ نتيجن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ هو، جڏهن ته عالمي برادري کان فوري مداخلت جو مطالبو پڻ ڪيو ويو. وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر يوسف خشڪ پنهنجي اهم خطاب ۾ گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته هو هن سنجيده معاملي جو ترت نوٽيس وٺن. هن چيو ته انڊس واٽر ٽريٽي جي معطلي علائقائي امن، زرعي معيشت ۽ ماحولياتي توازن لاءِ وڏو خطرو آهي. سيشن جي شروعات ڊاڪٽر سراج احمد سومرو ڪئي، جڏهن ته مختلف شعبن جي ماهرن معاهدي جي سياسي، قانوني، تاريخي ۽ ماحولياتي پهلوئن تي روشني وڌي. ڪوآرڊينيٽر اسٽوڊنٽ سوسائٽيز، ڊاڪٽر علي رضا لاشاري، پنهنجي خطاب ۾ ڀارت جي آبي جارحيت کي پاڪستان خلاف هڪ کليل سازش قرار ڏنو. هن چيو ته “ڀارت پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪري پاڪستان جي زرخيز زمينن کي بنجر بڻائڻ چاهي ٿو، جيڪو عالمي قانونن ۽ انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي آهي.” هن زور ڏنو ته نوجوان نسل کي دشمن جي هن سازش خلاف سجاڳ ٿي قومي يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻ گھرجي. پروگرام جي آخر ۾ استادن، آفيسرن، استادن ۽ شاگردن طرفان پرامن احتجاج ڪيو ويو، جتي “پاڻي بچايو، ملڪ بچايو” جا نعرا هنيا ويا. شرڪت ڪندڙن ڀارت خلاف سخت احتجاج ڪندي پاڻي جي حق ۾ ڀرپور قومي يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو.