سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ پاران شاهه عبداللطيف ورسٽي خيرپور جي اسسٽنٽ رجسٽرار طرفان ملازم ايسوسيئشن آفيسن جي تالا بندي ڪرڻ خلاف درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي درخواست رد ڪري ڇڏي، شاهه لطيف ورسٽي خيرپور جي اسسٽنٽ رجسٽرار سڪندر علي جانوري جي درخواست جي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس يوسف علي سيد ۽ جسٽس ذوالفقار علي سانگي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. جاري ڪيل فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ورسٽيءَ پاران درخواست داخل ناهي ڪرائي وئي ۽ نه ئي وري ورسٽي اِن ۾ پارٽي آهي. هڙتال ختم ٿي وئي آهي ۽ سيڪيورٽيءَ لاءِ پوليس جي به مقرري ٿي وئي آهي، تنهن ڪري ڄاڻايل درخواست کي عدالت رد ڪري ٿي.  داخل درخواست ۾ اسسٽنٽ رجسٽرار موقف اختيار ڪيو هو ته  ورسٽي جي آفيسر ايسوسئيشن ۽ ملازم ايسوسئيشن طرفان احتجاج ڪري تالابندي ڪرڻ سبب ڪارنهوار متاثر ٿيو آهي. تنهن ڪري انهن جي رجسٽريشن رد ڪئي وڃي.