ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو عرس مبارڪ موقعي تي عدالتون بند رهنديون، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پهرين سيپٽمبر تي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو عرس جي موقعي تي موڪل جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سميت ماتحت عدالتون حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ميرپورخاص جون سرڪٽ بئنچون، سول ۽ سيشن ڪورٽس جمع ڏينهن بند رهنديون.