سڀ کان پهرين مختصر طور اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته، “تصوف” ڇا آهي؟، “صوفي” ڪنهن کي سڏي سگهجي ٿو؟، هن موضوع تي ڪافي لکيو ويو آهي، ڪيترائي ليک ۽ ڪتاب موجود آهن، پر خاص طور تي حضرت علي هجويري داتا گنج بخش جي ڪتاب “ڪشف المحجوب” کي طريقت وارن هن ڏس ۾ ماخذ قرار ڏنو آهي، سندn موجب ته، “صوفي اهو آهي جو پاڻ کي فنا ڪري، حق سان ملي وڃي ۽ نفس جون خواهشون ترڪ ڪري مادي حقيقت سان گڏجي مڪمل سلوڪ جي درجي تائين پهچي وڃي”. يعني تصوف نيڪ خصلتن يا نيڪ اخلاقن جو نالو آهي، جنهن ۾ ٽي قسم اهم آهن، 1. الله تعاليٰ جا حڪم بجا آڻڻ. 2. خلقت سان عزت، تعليم، مهرباني، حق ۽ انصاف سان هلڻ. 3. پنهنجي ذات کي شيطان جي غلبي کان بچائڻ، اها ئي سچي صوفي جي وصف آهي”.
حضرت جنيد بغدادي (رحه) مطابق سچي صوفي جون خاصيتون هي آهن. سخاوت، رضا، صبر، اشارو، غيرت، سياحت، صوف جا ڪپڙا پائڻ يعني اوني ڪپڙا ۽ فقر، ڏٺو وڃي ته اهي ئي اصول آهن جيڪي انساني ڪردار ۾ نيڪيءَ جو بنياد آهن. تصوف جو موضوع وسيع هوندي به مٿين حوالي جي روشنيءَ ۾ مختصرا اهو چونديس ته، تصوف جو رستو انساني قلب ۾ هڪ نئين قسم جي روحاني تڙپ پيدا ڪري ٿو، هو خود کي فنا ڪري حق سان هڪ ٿئي ٿو.
حضرت شاهه عبداللطيف ولد شاهه حبيب جو نالو سنڌ جي هڪ اهم صوفي شاعر جي حيثيت سان هنڌين ماڳين مشهور آهي، سندس دور ۾ نفس جي پاڪائيءَ لاءِ هلندڙ سلسلن ۾ سهروردي، قادري، نقشبندي ۽ چشتي مشهور سلسلا هئا، پاڻ قادري طريقي جي بزرگن مان هو، جن وٽ اندر جي پاڪائي ۽ روحاني ربطگيءَ جو ذريعو سماع هو، پاڻ مذهبي ڪٽرپڻي کي سخت ننديائون پنهنجي شاعري وسيلي نيڪ خواهشن ۽ نيڪ خوبين جي پرچار ڪيائون سندن صوفياڻي ڪلام ۾ منزل تي پهچڻ جا گس آهن. وحدت الوجود جي رنگ ۾ رڱيل شاهه لطيف تصوف جي ترقيءَ جي چئني منزلن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ اشارن طور توڙي واضح ڄاڻايو آهي،
ساري سک سبق، شريعت سندو سهڻي،
طريقت تکو وهي، حقيقت جو حق،
معرفت مرڪ، سدا ساميئڙن جو.
شريعت بنا اڳتي وڌڻ شاهه صاحب جي موجب محال آهي. شاهه صاحب موجب طريقت جو طريقو نفس کي ماري ان مان لالچ لوڀ ڪڍي گمراهيءَ کان بچڻ آهي، جنهن لاءِ طالب کي پنهنجي طلب کي مخفي رکي مطلوب ٿي منزل تي رسڻو آهي، مولا کي ملڻ لاءِ ڪروڙين رستا آهن، جيترا روح ايترا رستا، پر جيستائين پنهنجو پاڻ کي فنا نه ڪبو تيستائين عشق الاهيءَ جو مچ ازخود نه ٻرندو، ان ڪري اهڙي ديدار جي تڙپ پيدا ٿيئي جو هر شئي ۾ حق جو جلوو نظر اچي. حقيقت جي منزل لاءِ سالڪ جڏهن پنهنجو پير ڌري ٿو تڏهن هو پنهنجو پاڻ کي ٿو سمجهائي، سندس اڳيان سڀ حقيقتون ظاهر ٿي پون ٿيون، محبوب ۽ سندس وچ جو ويڇو گهٽجي ٿو، شاهه لطيف موجب ته سچا سالڪ پنهنجي وجود جو ورق ورائي، سِسِي نيزي پاند اڇلي، سوري سورانگهڻ لاءِ هڪيا تڪيا ويٺا آهن. معرفت جو سرمو جنهن جي اثر سان اکيون حقيقي حسن بنا ڪجهه به نه ٿيون ڏسن سالڪ جي آخري ۽ اهم منزل آهي، هتي الاهي اسرارن جي برسات آهي، شروع ۾ جا ڪثرت هئي سا وحدت ۾ تبديل ٿي وئي، اصل شئي ئي اها هڪ آهي، باقي سڀ انهيءَ هڪ سان جڙيل آهي. شاهه لطيف جي سڄي شاعريءَ جو اڀياس اها پروڙ ٿو ڏئي ته تصوف سندس شاعري جو اهم خزانو آهي، هن پنهنجي ڪلام ۾ تصوف جي سڀني مسئلن کي سمجهاڻيءِ سان بيان ڪيو آهي. شريعت، طريقت، معرفت ۽ حقيقت جي جدا جدا منزلن ۽ قدر، رضا ۽ تسليم، تجليٰ ۽ بيخودي جا ڪيترائي اشارا شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ ملن ٿا، تصوف جي منزلن، عشق، معرفت، استغنا توحيد حيرت ۽ فنا جي حوالي سان سالڪ کي پاڻ کي فنا ڪري بقا ۾ سمائڻ جي هدايت ڪيل آهي، سندس موجب ته ان ريت سالڪ ۽ مالڪ جي وچ ۾ ويڇو گهٽجندو ويندو آهي، شاهه صاحب جي ڪلام ۾ سر ڪلياڻ ۽ سر يمن ڪلياڻ خاص طور قرآني آيتن ۽ حديثن سان سينگاريل آهن، جن جا بيت دنيا ۽ آخرت جي رازن کي کولي بيان ڪن ٿا، شروع جي پنجن سرن ۾ تصوف جي اصولن، حڪمن ۽ رڪنن جو اڀياس آهي ۽ سر ڪيڏارو تائين اهي سالڪ ذڪر ڪيل آهن، جيڪي تصوف جي تعليم تي عمل ڪن ٿا ۽ آخر ۾ سر آسا سندن سڄي روحاني تعليم جو نچوڙ آهي. اها روحاني تعليم عام ڪرڻ جو ذريعو شاهه صاحب وٽ سماع به هو، ته جيئن سندس صوفياڻي پرچار هر عام و خاص تائين پهچي. سنڌ جي صوفي شاعرن پنهنجي نه فقط علم وسيلي پر عمل سان به ماڻهن کي ماڻهپي ڏانهن موڙيو آهي، جنهن جي ضرورت تاريخ جي هر دور ۾ رهي آهي، سندن پيغام ڪنهن هڪ خاص طبقي ۽ مذهبن لاءِ نه پر ڪل انسانيت لاءِ رهيو.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي تصوف جي سلسلن جي پيروي ڪندڙ هڪ وڏو صوفي بزرگ، شاعر ۽ روحاني رهنما هو، هن ڏس ۾ سندس محبتون پنهنجي عقيدتمندن، مريدن، عالمن، صوفي فقيرن ۽ شاعرن سان مستقل قائم رهيون، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي رسالي مان فيض حاصل ڪندي، مولانا رومي جي مثنوي مان مطلب جا موتي پرائيندي ٻين ڪيترن ئي صوفي بزرگن سان سندن ملاقاتون متاثر ڪندڙ رهيون، جيئن خواجه محمد حافظ، مخدوم محمد کهڙوي، شاهه عنايت شهيد، شاهه عنايت رضوي، مخدوم محمد هاشم ٺٺوي، خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو، درويش صابر ولهاري، مخدوم محمد معين ٺٽوي ۽ ٻيا شامل آهن، جن سڀني جي تعليم مثبت فڪر جي واڌاري تي مشتمل آهي، جيئن سماج ۾ سڌارو پيدا ٿئي، جنهن جي نتيجي ۾ نه فقط پوئين دورن ۾ پر موجوده دور ۾ پڻ سخت ضرورت آهي، ڀٽ ڌڻي پنهنجي شاعري ۽ عمل سان “صوفي ازم” جي پرچار ڪئي، پنهنجي شاعري معرفت انسان شناسي جا سبق پڙهايا، هڪ اهڙي سماج جي جوڙجڪ ڄاڻائي جنهن جو بنياد سونهن، سچ، اخلاق، پيار، برابري، پنهجائپ، ڄاڻ ۽ هاڪاري روين ۽ سوچن تي مشتمل هجي، جنهن ۾ ڪنهن جا به حق غضب نه ٿين، جنهن ۾ ڪير به هيڻو نه هجي، ڪٿي به ذهني، جسماني، اخلاقي ۽ روحاني طور ڪنهن به انسان جي حق تلفي نه ٿئي، ماڻهوءَ جي بقا ماڻهپي ۾ قائم هجي.
موجوده دور جي اخلاقي پستيءَ واري دور ۾ اسان کي اهڙي ئي اعليٰ تعليم جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اڄ جي سماج ۾ هر ماڻهو مٿئين اخلاقي نڪتن کي ذهن ۾ رکي ڀلائيءَ واري واٽ تي هلڻ لاءِ هاڪاري سوچ ۽ روين کي عام ڪري ته يقينن اسين هڪ بهترين نئين سماج جي اڏاوت ۾ ڪاميابي ماڻي سگهون ٿا، انهيءَ لاءِ اسان کي پنهنجي محبوب شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ جو نه فقط اڀياس ڪرڻ گهرجي بلڪه سندس ڏنل تعليم تي عمل ڪرڻ گهرجي. ان سان ئي ترقي ماڻينداسين، هڪ شخص جو ٻئي شخص سان سُهڻو اخلاق تصوف جو اعليٰ درجو آهي، جو ڌڻيءَ در پهچڻ جو به رستو آهي، رب سڳورو ته دلين جو مالڪ آهي، اهو بلڪل چئي سگهون ٿا ته تصوف جو رستو دل جو رستو آهي. دل جو ورق ڌوئي صاف ڪرڻ سان ئي اندر مان ٻيائي نڪرندي ۽ اخلاقي ۽ قلبي پاڪائي نصيب ٿيندي، پنهجي نفس کي سڃاڻڻ پنهنجي رب کي سڃاڻڻ آهي، پوءِ ئي محبت جو آفاقي تصور قائم ٿيئي ٿو، محبت ۽ ماڻهپو، انسان ذات سان پيار، هڪ بهتر سماج جي آجيپي جي اهم ضرورت آهي، شاهه لطيف انهيءَ کي ٻن سٽن ۾ هن ريت سمجهايو آهي ته،
وَڳرَ ڪيو وَتَن، پِرت نه ڇنن پاڻ ۾
پَسو پکيئڙن، ماڻهنئان ميٺ گهڻو.
مطلب ته تصوف شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو خزانو آهي، جنهن موجب هن عمل تي زور ڀرڻ ۽ اندر اجارڻ تي آماده ڪيو آهي، سندس شاعريءَ جي سرهاڻ سان اسان کي پنهجي روح کي واس وٺائڻ گهرجي ته جيئن پنهنجائپ، پيار ۽ انسان دوستي جي سڳي ۾ ٻڌجي وڃون.