شاهه سائينءَ جي سوال سان گڏ سائين ايم سيد جي حضور ۾

0
32
شاهه سائينءَ جي سوال سان گڏ سائين ايم سيد جي حضور ۾

 ٻپهر ڪچڙي ٽپهريءَ ڏانهن وڌي رهيا هئا، جڏهن آئون سَنَ ۾ مرشد جي ايم سيد جي تربت تي پهتس. هتي اچڻ جو حُڪم مُرشد سائين شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ گذريل رات جي پوياڙيءَ ۾ اُن وقت ڏنو هو، جڏهن آئون اُن جي خانقاهه تي حاضر ٿيو هئس. اُتي سائين سچل سرمست ۽ سامي سائينءَ سان به ملاقات ٿي هئي. مسافر طالبِ علم انهن مرشدن سان گهڻي ڪچهري ڪئي. مرشدن سان ڪيتريون به ڳالهيون ڪجن پر دل ناهي ڀرجندي. شاهه سائين عبداللطيف ڀٽائيءَ فرمايو هو: “فقير راحمون هتان کان واپسيءَ تي سن ڳوٺ وڃي پنهنجي مرشد سيد غلام مرتضيٰ شاهه ڪاظمي (جي ايم سيد) جي تربت تي هڪ سوال رکجانءِ ۽ پنهنجي مرشد کان پُڇجانءِ ته، “ورهاڱي لاءِ سنڌ اسيمبليءَ ۾ قرارداد پيش ڪري منظور ڪرائڻ ۽ مسجد منزل گاهه جي تحريڪ هلائڻ جي نتيجن کان ڇو بيخبر رهيا؟ ڇا علم ۽ مشاهدن اُن جي رُخ ڏانهن رهنمائي نه ڪئي هئي جو ماڻهن جي شناخت کي سندن اصل کان ڪٽي مذهب سان جوڙڻ سان نفرتن جي واپار ۽ قتلام جا دروازا کُلن ٿا؟”

مسافر طالب علم کي هاڻي اهو سوال پنهنجي سياسي ۽ فڪري مُرشد جي حضور ۾ رکڻو ۽ جواب ڄاڻڻو هو. مرشد جي ايم سيد جي تربت تي عاجزيءَ سان سلام پيش ڪري تربت وٽ ويهي رهيس. ڪجهه دير کان پوءِ مرشد جي آواز ذهن ۽ دل تي دستڪ ڏني. مرشد چئي رهيو هو: “اي منهنجا شهزادا مسافر، ملي آئين شاهه سائينءَ جي خانقاه تي شاهه، سچل ۽ ساميءَ سان؟”.

“جِي ها”. مون عرض ڪيو. پوءِ مرشد شاهه سائين جو سوال ان جي حضور ۾ رکندي عرض ڪيم ته، مون کي اُميد آهي ته، جنهن ريت پنهنجي زندگيءَ ۾ توهان مون طالب علم تي مهربان رهيا، اڄ به نه صرف ان سوال جو جواب عنايت ڪندا پر طالب علم جي رهنمائي پڻ ڪندا.

شاهه سائين جو سوال مرشد کي ٻڌائڻ کان پوءِ عرض ڪيم ته، “مرشد جيڪڏهن اجازت هجي ته، هڪ ڳالهه آئون به عرض ڪريان؟ ۽ پوءِ سندن اجازت سان عرض ڪيم ته، “مرشد توهان پنهنجي هڪ ڪتاب “جيئن ڏٺو آهي مون” جي ارپنا ۾ لکيو هو ته، “آئون پنهنجي اها ڪاوش يگاني صوفي شاهه عنايت شهيد جي نام نامي ۽ اسم گرامي سان منسوب ڪريان ٿو، جنهن مذهبي تعصب خلاف جهاد ڪندي پنهنجو سر قربان ڪري ڇڏيو هو”.

جواب مليو: “بلڪل ارپنا لاءِ اهي ئي جملا لکيا هئم پر شهزادا! ان ارپنا جو حوالو ڏئي تون ڇا چوڻ يا پُڇڻ ٿو چاهين؟”.

عرض ڪيم: “مرشد! توڙي جو توهان ان ڪتاب جي سال 1968ع ۾ ترتيب ۽ تدوين مڪمل ڪئي. شاهه سائين جي سوال ۾ موجود ٻه واقعا ان کان اڳ ٿي چڪا هئا. طالب علم اهو سمجهڻ ٿو چاهي ته، توهان جون شروعاتي تحريرن ۽ ڪُجهه تقريرن ۾ شاهه عنايت شهيد جو جذباتي انداز ۾ ذڪر ملي ٿو. توهان سال 1939ع ۾ حيدرآباد ۾ ساڃاهه وندن کي خطاب ڪندي فرمايو هو ته، “شاهه عنايت کان وڌيڪ اُجرو سنڌ واسي پوءِ سنڌ ڪڏهن نه ڏٺو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته توهان تڏهن به صوفي شاهه عنايت شهيد جي فڪر ۽ جدوجهد سان ڪامل اتفاق رکندا هئا پر سنڌ اسيمبليءَ ۾ هندوستان جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي قيام لاءِ ورهاڱي جي حق ۾ جيڪو ٺهراءَ توهان پيش ڪيو ۽ منظور ڪرايو، اهو ٺهراءَ صوفي شاهه عنايت شهيد جي “صُلحِ ڪُل” جي فڪر سان ٽڪراءَ ۾ نه هو؟ ڇو ته شاهه عنايت شهيد ته مذهبي نه پر انساني سماج ۽ وحدت سان گڏ برابريءَ تي ڪامل ويساهه رکندو هو”.

مرشد جي زندگيءَ سان ڀرپور ٽهڪن سماعتن تي دستڪ ڏني ۽ پوءِ چوڻ لڳو: “هڪ ڀيرو نه پر تواتر سان آئون ورهاڱي جي ٺهراءَ ۽ مسجد منزل گاهه تحريڪ جي معاملي سنڌو ماٿري جي واسين سان کليل دل سان معذرت ڪري چڪو آهيان. جنهن ڪتاب جي ارپنا جو توهان حوالو ڏنو، ان ڪتاب ۾ پڻ مون سنڌ واسين کي جنونيت جي زهر کان بچائڻ لاءِ تفصيل سان پنهنجا ويچار پيش ڪيا هئا. مون ڪڏهن به عقلِ ڪُل هجڻ جي دعويٰ ناهي ڪئي. غلطيون ٿيون ته، کُلي ان جو اعتراف ڪيم ۽ تدارڪ لاءِ وس ۽ وت آهر ڪوششون پڻ ڪيم.

مون عرض ڪيو: “مرشد! ڇا ورهاڱي وارو ٺهراءُ ۽ مسجد منزل گاهه واري تحريڪ سنڌو ماٿري ۽ سنڌ واسين کي جيڪي گهرا گهاءُ ڏنا، مذهبي سُڃاڻپن جي وٿي وڌي ان جو تدارڪ صرف معذرت سان ممڪن هو؟”.

مرشد چوڻ لڳو: “هڪ ته تون ڳالهائين گهڻو ٿو، هونئن به اها سُٺي ڳالهه آهي، ماڻهوءَ کي ڳالهائيندو رهڻ گهرجي ته، زندگيءَ جي گرمي برقرار رهندي آهي”.

عرض ڪيم: “مرشد! ڇا صرف ڳالهائڻ سان ئي زندگيءَ جي گرمي برقرار رهندي آهي، پوءِ ماڻهو ڪجهه به کڻي ڳالهائي؟”.

مرُڪندي وراڻيائون: “هِي جيڪو اوچتو طالب علم جي اندر مان صحافي ٻاهر نڪري ايندو آهي. اها به ڀلي ڳالهه آهي. ماڻهو جيڪڏهن طالب علم رهي ۽ ان حيثيت ۾ ڳالهائي ته اهو رهنمائي چاهيندو آهي. پنهنجي دور جي شعور جي روشنيءَ ۾ سمجهڻ چاهيندو آهي. ورهاڱي جي ٺهراءَ جي منطقي نتيجي سنڌو ماٿري ۽ سنڌين کي تدارڪ نه ٿيڻ جوڳو نقصان پهچايو. تلخ حقيقت اها آهي ته، مون کي انهن ٻنهي معاملن سان (ٺهراءَ ۽ مسجد منزل گاهه تحريڪ) کان پاند بچائي رکڻ گهرجي ها، پر توهان کي ۽ توهان جي دوستن کي اها ڳالهه سمجهڻي پوندي ته، ڪو به شخص جنم ڏينهن کان فڪري ارتقا جو معراج نٿو ماڻي. فڪري ارتقا جو ڊگهو ۽ اڙانگو سفر ڪڏهن نعمتن سان نوازي ڇڏيندو آهي ۽ ڪڏهن ماڻهو لحد ۾ لهڻ وقت رنج ۽ ملال کان ڇوٽڪارو نٿو ماڻي سگهي. سياسي ۽ مذهبي جذبن جي اثر ۾ جيڪي غلطيون ٿيون، اُنهن جي تدارڪ لاءِ عملي ۽ تحريري طور تي مون کان جيترو ڪم ٿي سگهيو، يا ائين چئجي ته، جيترو ڪم ڪرڻ جو وقت مليو، اُن تي مون کي اطمينان آهي”.

هڪ مختصر وقفي کان پوءِ مرشد فرمايو: “شهزادا، هونئن به آئون هڪ ڳالهه تي حيران آهيان ته، سنڌ واسين پنهنجي گهرن ۾ ‘شاهه جو رسالو’، ‘پيغامِ شاهه لطيف’، ‘جيئن ڏٺو آهي مون’، ‘زنجيرن ۾ جڪڙيل قوم’ ۽ ‘سنڌ جو آواز’ جي بدران موت جو منظر، راجا گڌ، مرڻ کان پوءِ ڇا ٿيندو ۽ ’تلوار ٽُٽي وئي’ جهڙا ڪتاب آخر ڇو ڀري ڇڏيا آهن؟. سنڌين جي نئين ٽهيءَ ‘پيغام شاهه لطيف’ جو شعوري طور تي مطالعو ڪيو هجي ها ته انهن کي جنونيت، تعصبات ۽ متڀيد کان محفوظ رکڻ جا گُر اچي وڃن ها”.

ڪجهه گهڙين جي ماٺار کان پوءِ مرشد جو آواز ٻُڌڻ ۾ آيو: “شهزادا، ڇا مُون سڄي عمر جنونيت جي جبر ۽ ان مان جنم وٺندڙ خرابين تي ناهي ڳالهايو؟ ڇا مون سنڌ واسين کي اهو ناهي چيو ته، توهان جي اصل شناخت سنڌ آهي. سنڌو ماٿري، سنڌو ندي، پنهنجي ثقافت، تهذيب ۽ تمدن آهي. توهان جو فڪري اثاثو شاهه لطيف، سچل ۽ ساميءَ جي شاعري آهي. ان فڪري اثاثي کان مُنهن- موڙ ڪندا ته انسانيت ڪشي جي شوقين خيرات تي پلجندڙن جو ڌڻ بڻجي ويندا؟”.

مون عرض ڪيو ته، “مرشد، توهان صحيح پيا فرمايو پر هن وقت صرف سنڌ ئي نه پر سڄي سنڌو ماٿري فڪر، شناخت ۽ تهذيب جي بحران ۾ ڦاٿل آهي. ورهاڱي اسان کي پنهنجي اصل کان ڪٽي جنهن رُخ ۾ هَڪليو، ان رخ ۾ ته گهريون گهريون کاهيون آهن يا تپندڙ صحرا. هاڻي ته اهو ٿو لڳي ته اسان هڪ بنجر سماج ۾ جِي رهيا آهيون”.

مرشد سائين چوڻ لڳو: “شهزادا، ورهاڱي جي ڪُک مان جنم وٺندڙ عذابن ۽ بربادين کان ڪنهن کي به انڪار ڪونهي، البته منهنجي راءِ اها آهي ته. هاڻي ان جو ماتم ڪندو رهڻ کان بهتر آهي ته هر شخص پنهنجي پنهنجي وس ۽ وت آهر اهڙي انساني سماج جي تشڪيل لاءِ جدوجهد ڪري، جيڪو تعصب، متڀيد، اقربا پروري، عدم مساوات ۽ ناانصافين کان محفوظ هجي ۽ شرفِ انساني جي دولت سان مالامال هجي. البته ان لاءِ ضروري آهي ته، سڀ کان پهرين جنونيت جي زهر جو ترياق تلاش ۽ استعمال ڪيو وڃي. اهو ترياق صرف ۽ صرف علم ۽ انساني دوستيءَ سان ممڪن آهي. پنهنجي اولاد ۽ نئين نسل کي مطالعي جي نعمتن کان آگاهه ڪريو. اها فرقي واريت ۽ نفرتون هن سرزمين جي ماڻهن جو اصل هرگز ناهن”.

عرض ڪيم: “مرشد سائين! ڇا پنهنجي تاريخ تي شرمنده ۽ پرائي تاريخ تي گهمنڊ ڪندڙن جي عصري شعور جي رهنمائي ممڪن آهي؟”.

چوڻ لڳا: “ناممڪن ڪجهه به ناهي هوندو. انسان ته چنڊ تي پهچي ويو. هن زمين جا واسي حق شناسي ۾ دير ضرور ڪري رهيا آهن، پر ياد رکو ته نيٺ انهن کي هڪ ڏينهن پنهنجي اصل جي طرف موٽڻو پوندو”.

مرشد جي ارشادات جي نعمتن سان مسافر طالب علم پلئه ۽ پاند ڀريندو رهيو ته اوچتو مرشد سائين فرمايو: “شهزادا، شام جي پوياڙي آهي. تنهنجو سفر به ڊگهو آهي، هڪ ٻي ڳالهه، سا اها ته، جيڪي ماڻهو غلطي ڪري ان تي فخر ڪندا آهن، اُهي دُنيا کي جهنم بڻائي ڇڏيندا آهن. انسانيت جو پهريون سبق اهو آهي ته، غلطي ڪجي ته، کليل نموني ان جو اعتراف ڪندي شرمسار نه ٿيڻ گهرجي. انڪار کان اعتراف ڪجهه مشڪل ضرور آهي پر اعتراف ئي جهالت جي انڌيرن کي ڪاٽي ڇو ته اعتراف کي اصل ۾ علم ۽ مشاهدي جي طاقت حاصل هوندي آهي”.

مرشد جي ڳالهه پوري ٿي ته، مون اجازت ورتي، سندن تربت وٽان اُٿيس ۽ واپسيءَ لاءِ روانو ٿي ويس.