ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ بوٽ بيسن واري علائقي ۾ نوجوان تي تشدد واري معاملي ۾ اهم اڳڀرائي، ڌرين ۾ ٺاهه ٿي ويو، متاثر نوجوان شاهه زين مري ۽ سندس گارڊن خلاف داخل ڪيس واپس وٺندو. متاثر نوجوان برڪت سومرو موجب شاهه زين مري جو والد نواب غزين مري ۽ مير نادر مگسي اسان وٽ هلي آيا، شاهه زين جي والد مڃيو ته شاهه زين بيواجبي ڪئي آهي، جيڪو فيصلو چوندو ڀري ڏينداسين، اسان وڏن جي هلي اچڻ تي خدا ڪارڻ معاف ڪري ڇڏيو آهي، آئون ڪيس واپس وٺندس. واضح رهي ته شاهه زين مري ۽ سندس گارڊن 19 فيبروري تي برڪت سومرو ۽ سندس دوست کي تشدد جو نشانو بڻايو هو، جنهن بعد شاهه زين مري بلوچستان فرار ٿي ويو، سندس 5 گارڊ پوليس گرفتار ڪيا هئا. گذريل ڏينهن پوليس پاران گرفتار ڪيل پنجن جوابدارن کي جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت ۾ جاچ آفيسر پاران ريمانڊ جي استدعا ڪئي وئي، عدالت استدعا رد ڪندي جوابدارن کي جڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو، جوابدارن ۾ جلات خان، حسين نواز، علي جان، سجاد ۽ ٻيا جوابدار شامل آهن، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان اڳڀرائي واري رپورٽ طلب ڪري ورتي، ٻئي طرف شاهه زين مري جي گرفتاري لاءِ ڊي آءِ جي سائوٿ  جي سفارش تي آءِ جي سنڌ طرفان گهروکاتي کي خط لکيو ويو. اي آءِ جي آپريشن پاران گهرو کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري کي لکيل خط ۾ سفارش ڪئي وئي ته بوٽ بيسن ۾ نوجوان تي تشدد واري ڪيس ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ بلوچستان حڪومت سان معاملو اٿاريو وڃي.