ممبئي (شوبز نيوز) انڊين باڪس آفيس تي ”پٺان“ ۽ ”جوان“ جي تاريخي ڪاميابي بعد شاهه رخ خان پنهنجي نئين فلم ”ڊنڪي“ جي رليز جو انتظار ڪري رهيو آهي جنهن کي راج ڪمار هيراڻي بڻائي رهيو آهي ۽ سندس نالو ئي فلم جي بلاڪ بسٽر هجڻ جي نشاني آهي.
”ڊنڪي“ کان پوءِ ڪنگ خان جي نئين فلم جي حوالي سان مختلف خبرون گردش ڪري رهيون آهن ۽ هاڻي ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته اداڪار جي ايندڙ فلم کي سجوئي گهوش ڊائريڪٽ ڪندو جڏهن ته ان ۾ سوهانا خان به ايڪشن ۾ نظر ايندي. ذريعن موجب اها ميگا ٿرلر فلم هوندي ۽ ان جي شوٽنگ نومبر 2024ع کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، شاه رخ خان جي ڪمپني ريڊ چليز انٽرٽينمينٽ جو پروجيڪٽ آهي ۽ ان جي ذريعي سوهانا خان کي وڏي پردي تي لانچ ڪيو ويندو.