ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان کي موتمار ڌمڪي ڏيندڙ جوابدار وڏا انڪشاف ڪري ڇڏيا. پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڀارتي اداڪار کي موتمار ڌمڪين جي الزام هيٺ گرفتار جوابدار وڪيل فيضان خان پوليس کي ٻڌايو ته هن آن لائين ذريعن وٽان شاهه رخ خان، سندس پٽ آريان خان ۽ ڪٽنب جي سيڪيورٽي ۽ چرپر بابت ڳجهي معلومات حاصل ڪئي. معاملي جي جاچ دوران انڪشاف ٿيو ته موتمار ڌمڪي ۽ پنجاهه لک رپيا ڀنگ طلب ڪرڻ کان اڳ جوابدار وڏي جاکوڙ سان سمورا تفصيل حاصل ڪيا. ميڊيا رپورٽس موجب، باندره پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار فيضان وٽان ٻي موبائيل فون هٿ اچڻ بعد اِها معلومات حاصل ٿي.