ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان جي ڌيءُ سوهانا خان جي ليجنڊري اميتاب بچن جي ڏوهٽي آگستيا نندا سان گڏ ڊيٽنگ جا چرچا هلي رهيا آهن، ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب سوهانا خان لنڊن ۾ موڪلون گذارڻ لاءِ موجود آحي ۽ ڪيترين ئي پارٽين ۾ آگستيا سان گڏ ڏٺي وئي، آگستيا نندا ۽ سوهانا خان باليووڊ فلم آرچيز سان پنهنجي فلمي سفر جي شروعات ڪئي، هاڻي ٻنهي وچ ۾ ويجهڙائي وڌي وئي، لنڊن ۾ هڪ نائٽ ڪلب پارٽي ۾ ٻنهي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل آهن، سوهانا خان پنهنجي فلم ۾ والد شاهه رخ خان سان گڏ نظر ايندي جنهن جي لاءِ اربين رپين جي بجيٽ مختص ڪئي وئي آهي ۽ اها عالمي معيار جي هڪ ايڪشن فلم هوندي، فلم “ڪنگ” کي انٽرنيشنل معيار جي بڻائڻ لاءِ سڌارٿ آنند هالي ووڊ مان ڪيترن ئي اسسٽنٽ ڊائريڪٽرز کي ٽيم۾ آڻڻ لاءِ ڪوشان آهي، ڪنگ جي شوٽنگ هلندڙ سال ٿيندي ۽ 2025ع ۾ رليز ڪئي ويندي.