ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي نئين ڪاميڊي ڊراما فلم “ڊنڪي” کي انڊين سينسر بورڊ نمائش جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، ڀارتي ميڊيا ذريعن موجب سينسر بورڊ فلم ۾ تمام معمولي ڪٽ لڳايا آهن، جنهن سان فلم جي ڪهاڻي تي ڪو اثر نٿو پوي، سينسر بورڊ طرفان جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ موجب فلم جو مجموعي وقت 2 ڪلاڪ 41 منٽ ۽ 24 سيڪنڊ آهي، “ڊنڪي” محبت ۽ دوستي جي هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي، جنهن کي جذباتي ڪهاڻي ۽ ڪاميڊي منظرن سان گڏ ماڻهن جي سامهون پيش ڪيو ويندو، فلم ۾ شاهه رخ خان سان گڏ تاپسي پنو، بومن ايراني، وڪي ڪوشل، وڪرم ڪوڇر ۽ انيل گروور جهڙا بهترين اداڪار موجود آهن، فلم هڪ ڪاميڊي ڊراما آهي، جنهن ۾ غير قانوني طور تي پرڏيهه ويندڙ ماڻهن جي مسئلن کي موضوع بڻايو ويو آهي ۽ ان کي 21 ڊسمبر تي پوري دنيا ۾ رليز ڪيو ويندو.