ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان 20 سالن دوران پهريون ڀيرو پنهنجي زال ۽ ٻارن سميت ”منت“ نالي مشهور پنهنجو گهر ڇڏڻ کانپوءِ خبرن ۾ آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، شاهه رخ خان ممبئي ۾ ٻئي گهر شفٽ ٿي چڪو آهي، سندس نئون گهر ممبئي جي پوش علائقي ۾ موجود ”پوجا ڪاسا“ اپارٽمينٽس آهي، شاهه رخ خان گذريل ٻن ڏهاڪن کان ممبئي جي علائقي باندرا جي مشهور بنگلي ”منت“ ۾ رهائش پذير هو، پر مئي ۾ کان منت ۾ تعميراتي ڪم شروع ٿيڻ سبب شاهه رخ خان ڪٽنب سوڌو عارضي طور هڪ ويجهي عمارت ۾ شفٽ ٿي ويو آهي. هاڻي ڀارتي صحافي سڌارٿ ڪنن جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو نجومڻ گيتانجلي سڪسينا کان انٽرويو ڪري رهيو آهي جنهن ۾ هن کائنس انهن افواهن بابت پڇيو جنهن ۾ اِها دعويٰ ڪئي وئي هئي ته شاهه رخ خان جو ڏيوالو ٿي ويو آهي. ان حوالي سان ڳالهائيندي نجومڻ اداڪار جي ڄم جي تاريخ جو تجزيو ڪيو ۽ دعويٰ ڪئي ته اداڪار کي پنهنجي ڪم جو جنون آهي، ٽيرو ڪارڊ ريڊر دعويٰ ڪئي ته اداڪار حقيقت ۾ مالي مسئلن جو شڪار آهي، شايد هو قرض ۾ ٻڏل آهي، منهنجن ڪارڊن موجب مالي مسئلا وڌيڪ آهن ۽ شاهه رخ جو ڏيوالو ٿي ويو آهي. عورت نجومڻ موجب، شاهه رخ ان مسئلن مان نڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي ۽ قانوني ويڙهه پڻ وڙهي رهيو آهي. نجومڻ دعويٰ ڪئي ته هن وقت شاهه رخ خان ان صورتحال مان نڪرڻ چاهي ٿو، اداڪار جي مستقبل جي رٿائن ۽ فلمن بابت پڇڻ تي نجومڻ دعويٰ ڪندي ٻڌايو ته سندس فلمون سٺو ڪاروبار تڏهن ڪنديون جڏهن اهي آگسٽ 2025ع ۾ رليز ٿينديون.