لاهور(شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور اداڪار وهاج علي کي ايشيا جي 10 سڀ کان مقبول شخصيتن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. برطانوي اخبار ايسٽرن آءِ 2023ع جي ٽاپ 50 ايشين سيليبريٽيز جي لسٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ وهاج علي کانسواءِ ٻيا پاڪستاني فنڪار به شامل آهن جڏهن ته بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جو پهريون نمبر آهي. وهاج علي تيري بن، عهد وفا، فتور ۽ ٻين ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن.