زندگي ڏکن ۽ سُکن جو ميڙ آھي، تنھن ڪري پاڻ کي وقت ۽ حالتن سان سلھاڙي ھلائجي ته ھوند مٿين خيالن کان مٿانھون ٿي گذاري سگهجي ٿو. زندگي ڪڏھن سُکن سيج بڻجي پوي ٿي ته ڪڏھن ڏکن جا ڏاج بڻجيو وڃي ٿي. ايئن ئي پنھنجي ڏکن ۽ سکن تي واويلا ڪندڙ نه بڻجو، بلڪه انھن کي پنھنجي سوچ مان نوان دڳ گهڙي جياپي آڏو لاڳاپيل تڪليفن ۽ سرھاين سان نباھيندي ڪي ڪردار ٺاھي وڃو، جيئن پونئرن لاءِ ڪي اھنج باقي نه رھن، پر لطيف پنھنجي شاعري ذريعي جيڪي اھڃاڻي ڪردار تخليق ڪيا، تن کي اڄ تائين اسان سمجهڻ کان قاصر آھيون. تيئن خاص ڪري اسان ھر اھڃاڻي شيءِ کي مذھبي اک سان ڀيٽيندا رھون ٿا، جيڪو به سبب پڻ لطيف کي عالمي معيار ۾ قطار ۾ نٿو بيھاري، جڏھن ته اسان لطيف جي ھر رخ کي سماجي سمجهون ٿا. جيئن:
تَنِ پيئِي جانارَنِ ياد، جي پاڙھيل پنھونءَ ڄامَ جا،
سَندِي لالَڻ لاڌِ، مُيان پوءِ مُنڌَ ٿئي.
پنھونءَ جي پھريدارن (جاندارن مثل ڪردار) چوڪيدارن کي سسئي ھميشه خيال ۾ رھي، جيڪي (آري ڄام جي چوڻ تي) پنھونءَ سان (ڪتن جي لوڌ جيان) چھٽيل رھيا. حقيقي سسئي جي (مان مرتبي) ڪردار جي ڄاڻ کيس مرڻ کان پوءِ ٿِي.
آري ڄام جي غلامي ۾ رھندڙ يا ان جي پاڙھيل سبقن جي پوئواري ڪندڙ فردن کي لطيف (ڪتن جي لوڌِ) جانورن، وحشي درندن جيان سمجهي ٿو، جڏھن ته عام شارح سڌو سنئون ڪُتا سمجهي ۽ بيان ڪن ٿا، جيتوڻيڪ نه سسئي ڪيچ پھچي ٿي ۽ نه ئي وري ڪا ڪتن جي لوڌ يا پالتو ڪتن سان پالو پوي ٿو. تيئن اسان کي آري جي موڪليل لوڌ يعني جن سسئي پنھون جي وڇوٽي ۾ ڪردار ادا ڪيو، تن کي ڀيٽا طور جانورن يعني ڪتن سان مشابھا ڪري ٿو، يا سنڌ مٿان حملا آور ٿيندڙ وحشين کي ڀيٽي ٿو، اھو انڪري به درست سمجهيو وڃي ٿو جي سنڌ سان ٿيندڙ وارتائن جو لطيف اکين ڏٺو گواھ پڻ ھو، جنھن مختلف قصن ۾ اھڙيون نشاندھيون اڪثر جڳھن تي ڪندي ملي ٿو.
اھڙا ٻيا بيت جيڪي گنج جي ترتيب ۾ اچن ٿا، جن جي اھڃاڻي يا قصي جي نسبت سان معنا يا مقصد ڪونه ٿا ڏين يا وري ايئن چئجي ته پاڻ انھن کي ڪنھن ڀيٽا ۾ ڀيٽي نٿا سگهون، سو ٻين شارحن جيان پاڻ به شامل ڪونه ٿا ڪريون. ٿي سگهي ٿو لطيف جا چيل ئي ڇونه ھجن يا ڌاريو مواد ھجن پر قصي سان نٿا ٺھڪن، تن کي في الحال نکيڙي رکجي ٿو.
سَسُئِي پُڇَنِ سي، جي پاليَلَ پُنھونءَ ڄامَ جا،
وَڍيو ويٺِي ڏي، ڪايا ڪيچَ ڪُتَنِ کي.
پنھونءَ جا پالتو (نوڪر) سيئي سسئي کان خبرداري ڪن پيا، (نمڪ حرامي جي وارتا تي سسئي ايئن پڇتاءُ ڪري پئي) جيئن پنھنجا غضوا ڪٽي ڪتن کي ٿي کارايائين.
وقت ۽ حالتن مان ڪير ٿو ثابت قدم رھي، جتي چڱو ڀلو ڏيکاءُ ڏيندڙ به وڪامجي وڃي ٿو ته اُتي نوڪر جي ڪھڙي حيثيت بڻجي ٿي! متڀيد جي سماج ۾ اڪثر وارتائن ۾ ھيٺيون طبقو ئي ھڪ ٻئي جو استحصال ڪري ٿو، جن پٺيان طاقتور ھٿ ئي ھجن ٿا. جيئن لطيف مثال ڏيندي پنھونءَ جي گهر نوڪر ٿي پاليل ئي مخالف ٿي بيھن ٿا. انا جي خول ۾ داخل ٿيل فرد کان سڀ رشتا ناتا وسريو وڃن. جيئن ته اھڙي ئي انا جو شڪار سسئي سان پيدائش کان ئي پيش اچي ٿو، پيءُ ماءُ پنھنجي انا خاطر ، مذھبي متڀيد جي خوف کان کيس درياءَ حوالي ڪري ڇڏين ٿا ۽ ساڳي وارتا پنھونءَ سان پنھنجا ڀائر ۽ نوڪر پيءُ جي ذات پات جو ڀرم رکندي ڪن ٿا، جتان سسئي جو داستان سماجي جاڳرتا خاطر لطيف کي لکڻ جو ھڪ مورچو ھٿ اچي ٿو، جتان لطيف جي سسئي جو ھر روپ سماجي براين سان بغاوت، مزاحمت ڪندي ملي ٿو، ھونءَ به پاڻ لطيف کي سماجي شاعر سمجهون ٿا، جنھن تمام باريڪ بيني سان مشاھداتي منظر پيش ڪيا آھن، جن اوڻاين کان منع ڪئي اٿائون يا انھن جي خاتمي سان ھڪ بھترين انساني سماج جوڙي سگهجي ٿو، پر افسوس جي اڪثر لطيف جي ڏسيل واٽ کي غلامي وارو ڳٽ پارائي وري به ان طرف ڌڪيو ويو آھي، جنھن کان نابري وارڻ گهرجي.
سَڌرَ سين سنڱُ ڪري، پَرَکَنڊين پياسِ،
ڪيرَ بِرھمڻَ ڪن جي، ڪيرَ ڄاڻي ڪِيڻاسِ،
ھوندَ نه سِنڌُ سياس، پُريي ڪِيَسِ پڌَرِي.
طاقتور، زورآورن سان مائٽي ڪري ڏورانھين ديس تائين وڃي مشھور ٿي. نه ته ٻانڀڻ جي ڪھڙي ذات، ھوءَ ڪير ٿيندي آھي ۽ کيس ڪير سڃاڻي ھا. جيئن ته سنڌ ملڪ ۾ به کيس ڪوئي نه سڃاڻي، پر (پرينءَ پويان) پنڌ پوڻ (جستجو جي علامت) ڪري جابجا ظاھر ٿي پيئي.
ذات پات نسلي متڀيد پٺيان سسئي جي حسب نسب جي اُڊيڙ ٿئي ٿي، برھمڻ يا ڌوٻڻِ ھجڻ جي ناتي ڪيچ جي ھوت بلوچن سسئي پنھون جي ارادن جو قتل ڪيو، جنھن قتل جي احتجاج ۾ لطيف سُر سسئي سرجيو، جنھن ۾ لطيف جي سسئي اڄ تائين سماجي ويڙھ وڙھندي ملي ٿي. اڄ به جبلن، ٽڪرن اٺن ۽ اوٺارن سان حالت جنگ ۾ آھي، جڏھن ته نسلن جي آبياري ۽ انھن پٺيان ذات پرستي جا اتحاد، انجمن وغيره فلاح و بھبود جي نالي جوڙي مسڪين طبقن جو استحصال ڪيو وڃي ٿو، ۽ جتان ذات برادري جي اوليت کي مان ڏيندي خوني راند کي اڀاريو وڃي ٿو، ۽ لطيف جي سسئي ذات برادري پٺيان قتل ٿيندڙ ھڪ ھڪ خون جي ڪرندڙ ڦڙي مٿان دانھون ڪوڪون ڪندي، پٽ پاراتا ڏيندي جاڳرتا جي گسن تي ڊوڙيندي رھي ٿي پر افسوس جو اڄ به ڏيرن کي ڪا ڪھل ڪانه ٿي پوي ۽ پنھنجي وارتائن پٺيان سرخرو ٿيندي ارمانن جي قتل تي جهمريون پائين ٿا، ۽ سسئي جي صدا جبلن سان ٽڪرائجي پڙاڏو ڪندي رھي ٿي.
ڇپرَ اوتارا ڪري، سِينڌِي ٿي مِرُنِ،
جيڪي چيَسِ جيڏِيَنِ، سو نه ڪيائي ڪَنِ،
معذورِ مَرَڻُ مَنِ، ڪيچين لئه قبوليو.
جبلن ۾ ويھڪون ڪندي پھاڙي بلائن کان شناسا ٿي ويئي، سرتين جيڪي خوف ۽ خطرا ڏسيا پئي، تن تي ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنائين، ھيڻائيءَ ھوندي به ڪيچين جي حاصلات لاءِ اندر ئي اندر ۾/ڏسو صفحو 7 بقايا 01
موت قبولي ورتائين.
سختيون، تڪليفون زندگي جا سڀئي اھنج ۽ خوفناڪ رستا قبولڻ سان ئي حاصلاتن جا ارادا ڪجن، جڏھن ته عام ماڻھو آسائش پسند ھجن ٿا، ۽ جيڪي پاڻ ته ڪونه ٿا ڪن پر ٻين کي به ڀَوَ ڏئي روڪ ڪن ٿا، پر مقصد سان ھلڻ وارا انھن جي ڳالھين تي ڌيان ڪين ٿا ڏين، جيڪي پنھنجي سوچن جو انت مشڪلاتن سان جهيڙيندي ڪن ٿا. يقينن انھن جون حاصلاتون موت سان ئي منسوب ھجن ٿيون.
لطيف سائين مقصد رکي جياپي ڪندڙن سان مخاطب ٿئي ٿو، ۽ تڪليفن مان فراريت نه پر مقابل ٿيڻ جي سگهه ڏئي ٿو، اُتساھي ٿو ۽ انت چاھي ٿو. ڀلي جي اوھان جو مقصد ڪھڙو به ڇونه ھجي پر تنھن مقصد جي انت تائين وڃڻ گهري ٿو. توڻي جي زندگي جو انت ئي ڇونه ٿي.