شاهه جي شاعريءَ جي مقبوليت جا سبب

0
71
شاهه جي شاعريءَ جي مقبوليت جا سبب

 شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جي شاعرن جو سرتاج شاعر آهي. پوريءَ دنيا ۾ سندس نالو هنڌين ماڳين مشهور آهي. بلڪه سنڌ جي سڃاڻپ ئي شاهه سان آهي. سندس ڪلام نه فقط سنڌ واسين ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ پر پوريءَ دنيا لاءِ هڪ عظيم سرمايو آهي. هيءَ شاعري هڪ اهڙو اڻ کٽ خزانو آهي. جنهن جي مقبوليت ۽ معروفيت ۾ اڄ صديون گذرڻ کان پوءِ به تِر جيتري به ڪمي نه ٿي آهي. هن مضمون معرفت آئون پڙهندڙن جي خدمت ۾ ڪي نڪتا پيش ڪيان ٿي، جن سان کين اها خبر پوندي ته لطيفي فن جي مقبوليت جا ڪهڙا اهم سبب آهن.

  1. شاهه جي شاعري عوامي آهي ۽ پوري عوام جي اندر جو آواز آهي.شاهه لطيف پنهنجي دور جي مُروج شاعري جنهن ۾ قصيده گوئي ۽ عيب جوئي به شامل هئي, کان پرهيز ڪئي، عوامي ٻولي، عوام جا رسم ۽ رواج سندن خواهشون، ڪرتون، محبتون، نفرتون، مطلب ته هُن هر جذبو، ڄاڻايو آهي. سندس شاعري سنڌي قوم جي رڳن ۾ ڊوڙندڙ رت جيان تحليل ٿيل آهي، هو پنهنجي موقعن مهلن، مرڻن، پرڻن هر هنڌ تي شاهه جي شاعريءَ کي جهونگارين ٿا. شاهه جا بيت پڙهي دُعائون گهرن ٿا، شاهه جي شاعري ميڙن ۽ محفلن ۽ ٻين هنڌن تي ڳائين ٿا. مطلب ته سنڌي قوم شاهه لطيف کان تمام گهڻي متاثر آهي. خاص طور سنڌ جي وڏي آبادي يعني عام ماڻهن وٽ شاهه جي بيتن جو واهپو وڌيڪ آهي.
  2. لطيف جو پيغام محبت آهي. ڀٽ ڌڻي هڪ امن پسند انسان هو. سندس ڪلام ڄڻ ته قرآن پاڪ جو تفسير آهي. سندس ئي لفظن ۾ ته، “جي تو بيت ڀانيان، سي آيتون آهين” هو محبت جي جذبي سان هر هنڌ سرشار نظر اچي ٿو،

وَڳرَ ڪيو وَتنِ پِرتِ نَه ڇِنَنِ پاڻَ ۾،
پَسو پِکيئڙَن ماڻهنِئان ميٺ گهڻو .
(ڏهر، 4-5)

  1. مجازي عشق/ حقيقي عشق ۾ فنا ٿيل آفاقي شاعري، شاهه صاحب جو سارو رسالو عشق ئي عشق آهي. سندس ڪلام جو فڪري بنياد ئي عشق ٿو ڏسجي ۽ سندس عبادت به عشق آهي. اهلِ تصوف جي منزلن موجب حقيقي طالب به اهو آهي. جو عشق جي آرزوءَ ۾ فنا ٿي پنهنجي آخري منزل تي پهچي ٿو، تڏهن هن وٽ سڀن طرف محبوب ئي محبوب آهي. هو هُن جو عاشق پڻ آهي ته معشوق پڻ. شاهه سائين هر دم پنهنجي پرينءَ ڏي متوجه رهڻ کي ترجيح ڏيندي چوي ٿو:

هَٿنَ سِين هاجَ ڪَر، نيڻَنِ سين نِهارِ،
اُڀا اڱڻان پارِ، پَسُ پنهنجا سُپرين.
(سُر آسا، 4-6)

  1. شاهه جو ڪلام سنڌي ٻوليءَ جي لغت جو خزانو آهي. شاهه صاحب جي شاعريءَ جي مقبوليت جو هڪ سبب اهو به آهي، ته سندس شاعريءَ ۾ سنڌ جي گهڻن علائقن جا ڪردار آهن، هُن انهن ڪردارن جو اونهو اڀياس ڪيو آهي. سندن واتان چوايل شاعريءَ ۾ شاهه صاحب انهيءَ هنڌ ۽ مڪان جي ٻوليءَ، ماحول ۽ سماج جي مجموعي نفسيات کي نظر ۾ رکيو آهي. انهن جي زندگي ۽ واقعن کي بيان ڪرڻ مهل هو پاڻ انهن ۾ پيهي ويو آهي،

ڏهن لطيف مارئي بڻجي عمر کي ايلاز ٿو ڪري، جڏهن پنهنجي ٿر واسين جي ياد ۾ ڳچ ٿو ڳاري، تڏهن ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ لطيف ٿر جو اڻ ٽُٽِ حصو آهي. ٿر جي ٻولي سندس هر بيت جو حصو ٿيل نظر اچي ٿي. ساڳيءَ ريت هُن ٻين ڪردارن جي علائقن جي ٻوليءَ جو استعمال اهڙو ئي سهڻو ڪيو آهي. هن پنهنجي ڪلام ۾ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي آهي، ان کي عالمن لاڙي ٻولي ڪوٺيو آهي، پر ڏٺو وڃي ته رسالي جي ٻوليءَ ۾ وڏي وسعت آهي. ان ۾ ايترو عظيم سنڌي لغت جو خزانو موجود آهي، جو اها ڪنهن هڪ طبعي ڀاڱي ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولي نه، پر سنڌي ٻوليءَ جي مختلف لهجن جو ميلاپ آهي. مطلب ته شاهه لطيف جي ٻوليءَ ۾ وسعت آهي، تنهن ڪري سندس ڪلام لغت جي اڻ کٽ کاڻ آهي.

  1. تاريخي ۽ نيم تاريخي داستانن جو ذڪر: سنڌ جا لوڪ رومانوي داستان شاهه جي رسالي جو شان آهن. سهڻيءَ جي سچي سڪ، سسئيءَ جا سور ۽ سوز، ليلا جي لوچ پوڇ، مومل جو ماندو ٿيڻ، مارئيءَ جي محبت، نوريءَ جي نئڙت ۽ سورٺ جي قربانيءَ کي شاهه لطيف مانائتو ڪيو آهي. اهي رائج قصا ۽ داستان کانئن اڳ به سنڌ جي سگهڙن ۽ شاعرن ڳائي وڄائي پيش ڪيا هئا پر شاهه لطيف انهن کي اهڙي ته سوز ۽ سهڻائيءَ سان بيان ڪيو آهي، جو اهي مڪمل طور لافاني حيثيت اختيار ڪري ويا آهن. ان کانسواءِ مورڙي جي بهادري، ڏاهپ سمن ۽ سومرن جي دور جي سخي سردارن کي مڃتا ڏيڻ، ڪربلا جي واقعي ۽ ٻين ڪيترن ئي اهم واقعن کي شاهه صاحب امر ڪري ڇڏيو آهي.
  2. سنڌ جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جي اپٽار: جي حوالي سان جيڪڏهن شاهه جي رسالي کي ڏسبو ته صدين جي سنڌ جو ثقافتي چِٽ چِٽيل نظر ايندو. سندس شاعري سنڌي سماج جو هڪ اهڙو آئينو آهي جنهن ۾ سنڌ واسين جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ جي عين بين تصوير چٽيل آهي. انساني زندگيءَ جون ضروري اهم شيون جيڪي تهذيب تمدن ۽ ثقافت جي دائري ۾ اچن ٿيون، جيئن کاڌ خوراڪ، لباس، رهڻي ڪهڻي، ريتون رسمون ۽ رواج، روحاني ترقي نسلن جي ارتقائي تاريخ، ٻوليون، مذهب، جاگرافيائي حالتون، معاشي حالتون، تاريخي ورثا، مذهبي قدر ۽ ڀروسا ان سان گڏ ملڪن ۽ قومن جون سماجي، معاشي ۽ علمي حالتون ۽ فن لطيف ئي قومن جي ثقافت ۽ تهذيب جي اپٽار ڪن ٿيون.

شاهه لطيف جي شاعري انهن سمورين حالتن جو هڪ اونهو اڀياس آهي. جيڪڏهن فقط اهو چئجي ته شاهه جو رسالو سنڌ جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جو دستاويز آهي ته بلڪل بجا ٿيندو. هن سنڌ ڌرتيءَ جي هر طبقي، هر ڳوٺ، وستيءَ واهڻ، مُندن موسمن، دريائن، سمنڊن، ساهوارن، ماڻهن جي روين، حالتن ۽ ڪمن ڪارين جو مڪمل جائزو ڏنو آهي. اهڙيءَ ريت هن پنهنجي ماڻهن کي پنهنجي لهجي سان ئي پنهنجو ڪيو آهي. کين احساس ڪمتريءَ مان ڪڍيو آهي. ساڳيءَ ريت هن سر زمين جي ريتن رسمن سان به کيس وڏي محبت آهي.

سون برابر سڳڙا، مون کي ٻانهن ٻڌائون.

مون ماروءَ سين، لڌيون لوئيءَ ۾ لانئون.

  1. لطيف جي شاعريءَ جي موسيقيت: شاهه صاحب جي شاعريءَ جي لفظن ۾ هڪ اهڙو ترنم ۽ جادو آهي، جيڪو ايئن ٿو محسوس ٿئي ته ڄڻ هيءَ شاعري موسيقيءَ جي لئي تي مرتب ٿي آهي. هِڪ هِڪ بيت، هڪ هڪ وائي اهڙي آهي، جنهن کي ڳائي ۽ جهونگاري سگهجي ٿو. شاهه صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ موسيقيءَ جي مختلف راڳن ۽ سازن جي مڪمل پروڙ رکندڙ هو. راڳ سندس جيءَ جو جياپو هو. ان ڪري هُن هڪ راڳ جي اداري جو قيام عمل ۾ آندو. موسيقيءَ جي هند ۽ سنڌ جي جملي اڳين سلسلن کي سهيڙي هُن هڪ نئين راڳ جي روايت کي قائم ڪيو جو هڪ ٽولي جي صورت ۾ ۽ عوامي آلاپن جي اثرائتي انداز ۾ اڀريو ۽ جمع رات تي اڄ تائين ڀٽ تي راڳ جي محفل فقير ڪندا اچن.

 ان کان سواءِ هن “دنبورو” ساز ايجاد ڪيو. جيڪا سندس منفرد ايجاد شمار ٿئي ٿي. اهو نئون خيال ۽ نئين ايجاد سنڌي فن جي عظمت ٿي نمايان ٿيو. نه فقط راڳ ۽ ساز جي حوالي سان پر لفظن جي ترنم جي لحاظ کان سندس شاعريءَ جي هِڪ هِڪ لفظ ۾ سنگيت جو تال ۽ ترنم آهي.

  1. لطيف جي انسان دوستي: شاهه عبداللطيف انسان دوست شاعر شمار ٿئي ٿو. شاهه جو رسالو انسان دوستيءَ جو سڏ آهي. انسان جون داخلي ۽ خارجي ڪيفيتون. فطرت جا اسرار، پاڻ کي سڃاڻڻ، ٻين جي لاءِ ڀلائي ڪرڻ، نفس اماره کي ضابطي ۾ آڻڻ ۽ ٻيا ڪيترائي نُڪتا آهن، جي سندس ڪلام ۾ واضح طور پسي سگهجن ٿا.
  2. شاعراڻيون خوبيون: شاهه جي شاعريءَ جون شاعراڻيون خوبيون بي شمار آهن. سندس شاعري معنوي، ادبي ۽ لساني خوبين جو هڪ اونهو ساگر آهي. هن جو فن ۽ فڪر نه فقط سندس دور جون پر موجوده دور جون به سڀئي گهرجون پوريون ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. سندس شعر سنجيدو، سوادي ۽ سڪ ڀريو آهي.
  3. شاهه لطيف نيڪ نيت بزرگ هو تڏهن ئي سندس مٽيءَ مان لڌو ۽ اڄ ڪيترائي عالم، فاضل، پڙهيل، اڻ پڙهيل، امير ۽ غريب سندس در تي سلامي آهن.