ميرپورخاص (رپورٽ: وارث خاصخيلي ) ميرپورخاص پوليس ھٿان جعلي مقابلي ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي مڙهه جي تدفين ۽ جنازي نماز ۾ رڪاوٽون وجھڻ ۽ ان جي لاش کي باھ ڏئي ساڙڻ واري ڪيس جي سلسلي ۾ ڪالهه دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، جنھن ۾ ٽن جوابدارن مولوي احمد شاھاڻي، محبوب ساند ۽ نويد جي ضمانتن بابت عدالت ۾ ٻنھي ڌرين جي وڪيلن دليل ڏنا، جنھن بعد عدالت سڳوري 3 ڊسمبر تائين ڄاڻايل جوابدارن جي ضمانتن بابت فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، عدالتي ڪارروائي بعد ميرپورخاص پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڊاڪٽر شاھنواز جي وڪيل ايڊووڪيٽ سجاد چانڊيو چيو ته اڄ جوابدار ڌر جي وڪيلن مک جوابدار مولوي احمد شاھاڻي بابت شاھديون پيش ڪيون ته اھو ان وقت واقعي واري جاءِ تي موجود نه ھو، جڏھن ته محبوب ساند جي بيمار ھئڻ ۽ ھڪ جوابدار نويد جي ننڍي عمر ھئڻ بابت ضمانتن لاءِ دليل پيش ڪيا، جڏھن ته اسان پڻ جوابدارن جي ملوث ھئڻ بابت واضح طور عدالت ۾ دليل پيش ڪيا، اميد ته فيصلو جوابدارن جي خلاف ايندو.