ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ڊاڪٽر شاھنواز ڪيس جي پھرين پوسٽ مارٽم رپورٽ ڏيندڙ ڊاڪٽر گرفتار ٿيڻ بعد عدالت ۾ پيش، ٻن ڏينھن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي، ڊاڪٽرن پاران او پي ڊي جو بائيڪاٽ، احتجاج خبر موجب ميرپورخاص پوليس ھٿان مبينا جعلي مقابلي ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي قتل بابت پھرين پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪندڙ ميرپورخاص سول اسپتال جي ڊاڪٽر منتظر لغاري کي ايف آءِ آءِ اختيارين گرفتار ڪرڻ کانپوءِ ميرپورخاص جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو، جتان کيس ٻن ڏينھن جي جڊيشل رمانڊ تي سينٽرل جيل ميرپورخاص موڪليو ويو آھي، عدالت ٻاھران گرفتار ٿيل ڊاڪٽر جي والد ڊاڪٽر موسيٰ لغاري چيو ته پوليس ڪسٽڊي يا جيل ڪسٽڊي ۾ مري ويندڙ ماڻھو جي پوسٽ مارٽم لاءِ ڊاڪٽرن جو بورڊ جوڙي پوسٽ مارٽم ڪرڻو ھوندو آهي، پر منھنجي پٽ اڪيلي سر پوسٽ مارٽم ڪيو ۽ جيڪا شروعاتي رپورٽ ڏني اھا ايمانداراڻي طريقي سان ڏني ۽ موت جو ڪارڻ ٻه گوليون لڳڻ ٻڌايو ھو، ھن وڌيڪ چيو ته سندس پٽ کان زبردستي رپورٽ ناھي ورتي وئي، باقي ان وقت ايڪسري جي سھولت ھئي يا نه ھئي، ان جي کيس خبر ناھي. ان موقعي تي ڳالھائيندي سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ھيمجي چيو ته ڊاڪٽر منتظر جي رپورٽ کانپوءِ ميڊيڪل بورڊ جيڪا رپورٽ ڏني اھو معاملو ڪورٽ ۾ ھلندڙ آھي، اھا ئي ان بابت فيصلو ڪندي، ھڪ سوال ته ڇا اھڙي ڪيس ۾ ميڊيڪل بورڊ يا ٽيم جي ضرورت ھوندي آھي؟ جي جواب ۾ ھن چيو ته ميڊيڪل ٽيم جي ضرورت ناھي ھوندي، ايمرجنسي ۾ جيڪو ميڊيڪو ليگل آفيسر ھوندو آھي، اھو ئي ان جي نگراني ڪندو آھي. ھن چيو ته جنھن وقت ڊاڪٽر شاھنواز جو پھريون پوسٽ مارٽم ڪيو پئي ويو، ان وقت پوليس سرجن نه ھو، ان کي ڪال به ڪئي وئي ھئي پر ھو پھچي نه سگھيو ھو، ھن وڌيڪ چيو ته ان وقت ايڪسري جي سھولت موجود ھئي، ڊاڪٽر جيڪڏھن چاھي ھا ته ايڪسري ٿي وڃي ھا پر ڊاڪٽر منتظر شايد مناسب نه سمجھيو يا ان کي ضرورت محسوس نه ٿي، ان ڪري ھن ايڪسري نه ڪرايو، ھوڏانھن ڊاڪٽر منتظر جي گرفتاريءَ خلاف سول اسپتال ميرپورخاص ۾ ڊاڪٽرن او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو، سول سرجن جي آفيس کان گيٽ تائين ريلي پڻ ڪڍي وئي، ان موقعي تي ڳالھائيندي ھنن چيو ته ڊاڪٽر جي گرفتاري ناانصافي آھي، اسان مطالبو ڪريون ٿا ته ساڻس انصاف ڪيو وڃي، واضح رھي ته پھرين پوسٽم مارٽم رپورٽ ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جون 4 پاسراٽيون ٽٽل هجڻ جو ذڪر نه ڪيو ويو هو ۽ نه ئي سندس ٻيا ھڏ ڀڃڻ جو ذڪر ڪيو ويو ھو، صرف ٻن گولين لڳڻ سبب هڪ پاسراٽي ٽٽل هجڻ ۽ دل ۽ جيرو ڦاٽي پوڻ جو ڪارڻ ڏيکاريو ويو هو، جڏھن ته قبر ڪشائي بعد لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو جي ماھر ڊاڪٽرن پنھنجي رپورٽ ۾ ڊاڪٽر جي جسم جا ڪيترائي عضوا ٽٽل ھئڻ جي نشاندھي ڪئي وئي ھئي ۽ اھو پڻ ڄاڻايو ھو ته ڊاڪٽر شاھنواز تي اھڙو تشدد سندس جيئري ھئڻ دوران ڪيو ويو ھو.