ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) گستاخي جي الزام بعد ميرپورخاص پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي ڀيانڪ قتل ۽ سندس لاش ساڙڻ وارو معاملو سنڌ اسيمبلي پهچي ويو، گھرو وزير پاران واقعي بعد ڊي آءِ جي ميرپورخاص، ايس ايس پي ميرپورخاص ۽ ايچ او سنڌڙي کي عهدن تان هٽائڻ بابت ايوان ۾ آگاهي ڏني وئي ، جماعت اسلامي پاران گھرو وزير جي فيصلي جي حمات ڪئي وئي، ان حوالي سان ڪالهه سنڌ اسيملبي جي ڊپٽي اسپيڪر نويد انٿولي جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ڳالهائيندي گھرو کاتي جي صوبائي وزير ضياالحسن لنجار چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي ميرپورخاص ۾ ماريو ويو، جنهن تي عوام جو چوڻ آهي ته کيس پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو آهي، هن چيو ته عمر ڪوٽ ۾ پوليس موبائل کي به ساڙيو ويو. معاملي جي جاچ ڪميٽي قائم ڪري جاچ ٽيم کي هدايت ڪئي آهي ته هڪ هفتي ۾ تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي ويندي. هن چيو ته ايوان کي آگاهه ڪيان ٿو ته ڊي آءِ جي ميرپورخاص، ايس ايس پي ميرپورخاص ۽ ايس ايچ او سنڌڙي کي معطل ڪيو ويو آهي، ان معاملي جي تفصيلي جاچ ڪرائي ويندي. هن چيو ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آھي، جيستائين ڪنھن تي ڏوھ ثابت نه ٿي تيستائين ڪنھن کي به اھو اختيار ناھي ته ھُو پاڻ جج بڻجي فيصلو ڪري ڇڏين، صوبائي وزير سردار شاھ چيو ته  ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر نمازي ھو، سندس گھراڻو به مذهبي آهي، هن چيو ته شاھنواز ڪنڀر نفسياتي مريض ھو، جنھن جو 2020ع کان وٺي ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ علاج هلندڙ هو. نوجوان ذهني مرض ۾ مبتلا هو، پر ٻڌايو وڃي ته سڀني ذهني مريضن کي پڪڙي ائين ئي ماريو ويندو؟ بغير تصديق جي ائين ڪنهن کي ڪيئن ماري ٿو سگھجي؟ هن چيو ته جنهن فيس بوڪ آئي ڊي تان گستاخي وارو مواد سامهون آيو آهي اها شاھنواز شاھ جي نالي سان ٺهيل هئي، اهو معاملو جيئن ئي سامهون آيو ته مون ايس ايس پي عمرڪوٽ کي هدايت ڪئي ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي فوري گرفتار ڪري سندس گھروارن ۽ ٻارڙن کي پوليس ڪسڊي ۾ رکيو وڃي، جيئن کين نقصان نه پهچايو وڃي، پوليس کي اها هدايت ڪئي ته ڊاڪٽر شاهنواز کي گرفتار ڪرڻ بعد کيس گستاخي واري معاملي تي جاچ  هيٺ آندو وڃي، جيڪڏهن ڏوهي آهي ته کيس قانون موجب ضرور سزا ملڻ گھرجي. هن چيو ته شاھنواز ڪنڀر ڪراچي ۾ هڪ هوٽل تي ترسيل هو، جنهن کي پوليس ٽريسنگ ۾ آڻي گرفتار ڪيو، کيس عمرڪوٽ نيو پئي ويو ته اها خبر سامهون آئي ته شاهنواز ڪنڀر سان پوليس مقابلو ٿيو ۽ هُو پنهنجي ساٿي هٿان مارجي ويو ۽ ساٿي فرار ٿي ويو. صوبائي وزير چيو ته شاهنواز ڪنڀر ڪراچي ۾ هڪ هوٽل اندر ترسيل هجڻ دوران پنهنجي ٻئي فيس بوڪ اڪائونٽ تان ويڊيو اپلوڊ ڪري اهو واضح ٻڌائي پيو ته منهنجي نالي تان جنهن آئي ڊي تان مواد رکيو ويو آهي اها منهنجي آئي ڊي ناهي، ان آئي ڊي جي جاچ ڪئي وڃي، سردار شاھ چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي واقعي کان پوءِ سڄي رات سمهي ناهيان سگھيو، مون کي به اهو خوف هو ته جيڪڏهن منهنجو اڪائونٽ هيڪ ٿي وڃي ته مون کي به ائين ئي قتل ڪيو ويندو. نوجوان شاهنواز ڪنڀر جو لاش به تماشائين ساڙيو، واقعي کانپوءِ ماڻھن ۾ خوف آھي ھر ماڻھو سوشل ميڊيا ته پنھنجي وضاحت ڏيئي رھيو آھي. هن چيو ته ان سڄي معاملي ۾ عالمن جو ڪردار بهتر رهيو، عالمن پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرايو ۽ هليا ويا.  ان موقعي تي جماعت اسلامي جي ميمبر فاروق احمد ايوان ۾ ڳالهائيندي چيو ته ڪنهن کي به سزا آئين ۽ قانون موجب ملڻ گھرجي. هن چيو ته گھرو وزير پاران واقعي بعد جيڪو قدم کنيو ويو آهي اهو بهتر قدم آهي جنهن جي تائيد ڪيون ٿا.