ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي قتل ڪيس جي سلسلي ۾ دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، ڪيس ۾ روپوش جوابدار اڳوڻي ڊي آءِ جي جاويد سونهارو جسڪاڻي ۽ ايس ايس پي اسد علي چوڌري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن، ايف آءِ اي پاران به شروعاتي جاچ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي آهي، جنهن تي ڪيس جي فريادي وڪيل ابراھيم ڪنڀر ۽ ٻي وڪيل ڌر پاران به ايف آئي اي ٽيم تي بي اعتمادي ظاھر ڪندي ڪيس جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، فريادي ۽ وڪيل  جو چوڻ ھو ته ايف آءِ اي جي ٽيم ڪيس ۾ جوابدارن جا اصل ثبوت پيش ناھن ڪيا، جمع ٿيل موبائل فونز سميت ٻيون شيون جوابدارن جون اصل ناھن، ان ڪري ھاڻ اسان کي به ايف آءِ اي جي ٽيم تي يقين ناھي، ڪيس جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، اسان جو مقصد اصل جوابدارن کي سزا ڏيارڻ آھي، اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناھي، مقتول ڊاڪٽر شاھنواز جي آخري ميڊيڪل رپورٽ ۾ سندس چار پاسراٽيون مرڻ کان اڳم تشدد دوران ٽٽل ظاهر ٿيون آھن، اڳ واري رپورٽ ۾ اھڙو ڪجهه به نه ھو، مقتول کي پوليس ڪسٽنڊي ۾ تشدد بعد قتل ڪيو ويو، ايف آءِ اي جي ھن وقت تائين ڪيل ڪارگردگي مان مطئمين ناھيون، عدالت سڳوري وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ڪيس ۾ 18 ڊسمبر تائين تاريخ ملتوي ڪري ڇڏي.