ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص پوليس ھٿان مارجي ويل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر ڪيس جي پھرين پوسٽ مارٽم رپورٽ پيش ڪندڙ ڊاڪٽر منتظر لغاري گرفتاريءَ بعد ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل واري ايف آءِ آر ۾ به جوابدار طور نامزد ڪيو ويو آهي خبر موجب ميرپورخاص پوليس ھٿان جعلي مقابلي ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي پھرين پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪندڙ ڊاڪٽر منتظر لغاري کي ايف آءِ اي ھٿان گرفتار ڪرڻ کانپوءِ ان کي ڊاڪٽر شاھنواز جي قتل ڪيس واري ايف آءِ آر ۾ به 23 هين جوابدار طور نامزد ڪيو ويو آھي، ايف آءِ اي پاران دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جاچ کانپوءِ سي آر پي سي جي سيڪشن 167 تحت داخل ڪيل درخواست ۾ ايف آءِ اي اختيارين ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر ڪيس ۾ نامزد 22 جوابدارن سان گڏوگڏ 23 نمبر تي ڊاڪٽر منتظر لغاري جو نالو به شامل ڪري ڇڏيو آھي، ايف آءِ اي اختيارين جو موقف آھي ته کين مليل وڊيوز مان اھو ثابت ٿيو آھي ته جنھن وقت ڊاڪٽر شاھنواز جو پوسٽ مارٽم ڪيو پئي ويو، ان وقت ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل اڳوڻو سي آءِ اي انچارج عنايت زرداري، اڳوڻو ڊي آءِ بي انچارج دانش ڀٽي، سنڌڙي ٿاڻي جو اڳوڻو ايس ايچ او نياز کوسو ۽ ٻيا ته موجود ھئا، پر ڊاڪٽر شاھنواز جي والدين يا وارثن مان ڪو به موجود نه ھو. ايف آءِ آءِ اختيارين اھو پڻ موقف اختيار ڪيو آھي ته ڊاڪٽر منتظر لغاري پنھنجي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڄاڻايو ھو ته ڊاڪٽر شاھنواز جي ستون نمبر پاسراٽي ٽٽل ھئي، جڏھن ته قبرڪشائي بعد جيڪو ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو ھو، ان پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آھي ته ڊاڪٽر شاھنواز جي اٺون نمبر، نائون، ڏھون ۽ 11 نمبر ساڄي پاسي واريون پاسراٽيون به ٽٽل ھيون. ايف آءِ اي اختيارين اھو پڻ ڄاڻايو آھي ته ميڊيڪل بورڊ جيڪا پوسٽ مارٽم رپورٽ ڏني آھي، ان ۾ اھو به ڄاڻايو ويو آھي ته ڊاڪٽر شاھنواز جون اھي سموريون پاسراٽيون جيئري ھئڻ دوران جسماني تشدد سبب ٽوڙيون ويون ھيون، ان ڪري ڊاڪٽر منتظر اڻپوري رپورٽ ڏئي ڏوھه ڪيو آھي، ياد رھي ته ڊاڪٽر منتظر لغاري کي 2 ڏينھن اڳ گرفتار ڪري گذريل ڏينھن دھشٽگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ھو، جنھن کي ٻن ڏينھن جي جڊيشل رمانڊ تي سينٽرل جيل ميرپورخاص موڪليو ويو آھي.

ايف آءِ اي ۽ پوليس ايس ايس پي سميت 6 روپوش پڪڙڻ ۾ ناڪام

ميرپورخاص: ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي ڪيس ۾ نامزد 23 جوابدارن مان 6 ڄڻا گرفتار ٿيل آھن، جڏھن ته 11 ڄڻا ضمانت تي آزاد ٿيل آھن، جڏھن ته ميرپورخاص جي اڳواڻي ڊي آءِ جي  ۽ اڳوڻي ايس ايس پي ميرپورخاص سميت 6 ڄڻا روپوش آھن، جن جي گرفتاريءَ لاءِ دھشتگردي ٽوڙ عدالت ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري چڪي آھي، پر اڃا تائين اھي گرفتار ناھن ٿي سگھيا.