ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه ڪورنگي ڪازوي پل جي تعمير، شاهراھه ڀٽو جي اضافي ڪم ۽ سهراب ڳوٺ جي ٽريفڪ مسئلن جو حل لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، اجلاس ۾  ڪورنگي ڪازوي ۽ سي بي ايم روڊ تان ايندڙ ٽريفڪ کي منظم ڪرڻ لاءِ هڪ ارب رپيا مختص ڪيا ويا، اجلاس ۾ مڪاني کاتي جي وزير  سعيد غني چيو ته  ڪورنگي ڪازوي تي 9.3 ارب خرچ ٿيندا، اجلاس ۾  پلاننگ کاتي کان  لياري ايڪسپريس وي، گلشن اقبال، گلشن چورنگي ۽ ويجهن رابطن وارن روڊن کي بهتر بڻائڻ لاءِ تجويزون طلب ڪيون