ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ بيبو ڪرينا ڪپور جا اداڪار شاهد ڪپور سان ڪيئي ورهين تائين رومانوي لاڳاپا رهيا، هڪ موقعي تي جوڙي شادي جي رٿابندي پڻ شروع ڪري ڇڏي هئي، پر اوچتو 2007 ۾ ٻنهي جي پريم ڪهاڻي پنهنجي پڄاڻي تي پهتي. ويجهڙائي ۾ ڪيئي سالن کانپوءِ ڪرينا ۽ شاهد ڪپور کي آئيفا ايوارڊز 2025ع بابت هڪ پريس ڪانفرنس دوران ٻئي خوشگوار موڊ نظر آيا جنهن تي جوڙي جي چاهيندڙ خوشيءَ جو اظهار پڻ ڪيو. پر ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته شاهد سان بريڪ کانپوءِ ڪرينا ڪپور سندس باري ۾ ڇا سوچيندي هئي؟ پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڪرينا ڪپور جو ماضيءَ ۾ ڏنل هڪ انٽرويو شيئر ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڪرينا شاهد سان رشتي جي خاتمي بابت ڳالهائيندي چيو ته ” هوءَ سمجهي ٿي ته شاهد في الحال پنهنجي ڪيريئر تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، شاهد لاءِ ڪيريئر اهم آهي، هو پنهنجي ڪم سان محبت ڪري ٿو، تنهنڪري سڀ شيون گڏ نه ٿيون هلي سگهن. انٽرويو دوران ميزبان بريڪ اپ کانپوءِ شاهد ڪپور جي اداسي ۽ اڪيلائيءَ جو سوال ڪيو هو جنهن تي ڪرينا ڪپور انڪار ڪندي چيو ته “ ائين نه آهي، عورت اداڪارائون سندس ڀرپاسي موجود آهن ۽ ” ليڊيز مين“ لڳندو آهي.“انٽرويو دوران ميزبان ڪرينا کان هڪ ٻيو سوال ڪيو ته افواهه آهن ته توهان شاهد کي انڪري ڇڏيو ڇو ته شاهد فلمي دنيا ۾ ناڪام سمجهيو ويندو آهي؟جنهن جي جواب ۾ ڪرينا ڪپور چيو ته ” ائين نه آهي، مان هڪ ڪامياب عورت آهيان

 

، مون کي ڪنهن ڪامياب مرد جي ضرورت نه آهي، ان جي ابتڙ مان اهڙو شخص چاهيان ٿي جيڪو مون سان محبت ڪري، مون کي سمجهي.“پنهنجي ڳالهه جاري رکندي ڪرينا چيو ته ” شاهد ۾ ڪامياب ٿيڻ جي پوري صلاحيت آهي، اسان چئن ورهين سان لاڳاپن ۾ رهياسين، هاڻي به سندس ڪاميابي لاءِ دعاگو آهيان.“