ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) ليبر کاتي جي صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري وچ ۾ اندروني طور ٺاهه ٿي ويو، وڏي وزير ڏانهن سيڪريٽري ليبر خلاف خط اماڻڻ وارو معاملو ”پنهنجي اخبار“ ۾ شايع ٿيڻ بعد صوبائي وزير پير پوئتي ڪري ڇڏيا، صوبائي وزير کانپوءِ ورڪر ويلفيئر بورڊ جي گورننگ باڊي جي خط جي ڪاپي به ”پنهنجي اخبار“ کي هٿ اچي وئي ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته ورڪر ويلفيئر ۽ ليبر کاتي جي سيڪريٽري رفيق قريشي پاران اداري لاءِ 80 ڪروڙ رپين جي ماليت جي عمارت خريد ڪرڻ ۽ ڊجيٽلائيزيشن واري منصوبي ۾ مختص رقم کان وڌيڪ جو پراسيس شروع ڪرڻ توڙي مزدورن لاءِ 10 هزار اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلون خريدڻ وارو منصوبو شروع ڪرڻ کان اڳ ورڪر ويلفيئر بورڊ جي گورننگ باڊي کان منظوري نه وٺڻ بعد صوبائي وزير شاهد عبدالسلام ٿهيم ۽ سيڪريٽري رفيق قريشي وچ ۾ اختلاف اڀري آيا هئا، جنهن دوران وزير سيڪريٽري کي هٽائڻ لاءِ وزيراعليٰ کي خط پڻ لکيو هو، ڪالهه کاتي ۾ دٻاءَ وڌڻ بعد صوبائي وزير شاهد عبدالسلام پاران وضاحتي بيان جاري ڪندي چيو ويو آهي ته سيڪريٽري رفيق قريشي کان مون کي ڪا به شڪايت ناهي. هن چيو ته کاتي جا سمورا معاملا قاعدن ۽ ضابطن تحت هلايا پيا وڃن. هر ڪم لاڳاپيل اختيارين جي منظوري کانپوءِ ئي ڪيو ويندو آهي. هوڏانهن صوبائي وزير جي اهڙي بيان کانپوءِ ”پنهنجي اخبار“ کي گورننگ باڊي جي خط جي ڪاپي پڻ ملي وئي آهي. جنهن ۾ گورننگ باڊي جي ميمبرن صوبائي وزير شاهد عبدالسلام کي خط لکي شڪايت ڪئي هئي ته سيڪريٽري رفيق قريشي پاران ٽنهي رٿائن جي منظوري نه ورتي وئي هئي. واضح رهي ته صوبائي وزير شاهد عبدالسلام پاران سيڪريٽري رفيق قريشي خلاف وڏي وزير کي خط لکيو ويو هو. ڪالهه اختلافن جي ترديد دوران صوبائي وزير پاران وڏي وزير کي اماڻيل خط جو ذڪر ئي ناهي ڪيو.
رفيق قريشي کي هٽائڻ لاءِ وڏي وزير کي شڪايت ناهي ڪئي ۽ نه ئي ڪو خط لکيو آهي: شاهد ٿهيم جي دعويٰ
ڪراچي: ليبر کاتي جي وزير شاهد عبدالسلام ٿهيم دعويٰ ڪئي آهي ته هن صوبائي سيڪريٽري رفيق قريشي کي هٽائڻ لاءِ خلاف وڏي وزير کي ڪا به شڪايت ناهي ڪئي ۽ نه ئي کيس عهدي تان هٽائڻ لاءِ ڪو خط لکيو آهي. ميڊيا ۾ شايع ٿيل اهي خبرون مڪمل طور تي بي بنياد، گمراھه ڪندڙ ۽ حقيقت جي ابتڙ آهن. وزارت جا سمورا معاملا قاعدن ۽ ضابطن مطابق هلندڙ آهن ، کاتي ۾ ڪنهن به قسم جي غير قانوني عمل جي ڪا گنجائش ناهي. وزير محنت شاهد ٿهيم جي ترجمان وضاحت ڪندي چيو ته سڀ ترقياتي منصوبا لاڳاپيل اختيارين جي منظوري سان مڪمل ڪيا وڃن ٿا. ڊجيٽلائيزيشن ۽ اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلن جي خريداري واري اشتهار جو معاملو به اداري جي طريقيڪار مطابق آهي وزير محنت واضح ڪيو آهي ته سيڪريٽري ليبر رفيق قريشي ۽ سندس وچ ۾ مڪمل هم آهنگي موجود آهي، اداري جا سمورا معاملا شفافيت ۽ قانوني گهرجن کي نظر ۾ رکندي هلايا پيا وڃن.