مورو (ن پ ا) پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد بينظير آباد جي ڊويزنل صدر، سابق صوبائي وزير قانون ضياءَ الحسن لنجار سان ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ اين پي پي سان تعلق رکندڙ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سردار آصف راجپوت جي قيادت ۾ شاهد نجمي، نجم عالم، وسيم قريشي، فاروق علي رانا، شميم قريشي، شڪيل راجپوت، فهيم پٺاڻ، لنجار هائوس نوابشاھ ۾ ملاقات ڪري پنهنجا ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ اين پي پي سان پراڻا سياسي لاڳاپا ختم ڪري ضياءَ الحسن لنجار مٿان مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي ضياءَ الحسن لنجار چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ئي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي پارٽي آھي جيڪا وفاق توڙي سنڌ ۾ حڪومت ڪندي اھي اتحاد ڪيتريون به طاقتون آزمائين، کين شڪست نصيب ٿيندي، ايندڙ وزير اعظم بلاول ڀٽو زرداري ھوندو ۽ سنڌ جو وزير اعلي پڻ جيالو ھوندو.