لنڊن (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي لنڊن ۾  مسلم ليگ ن جي قائد ميان نواز شريف سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده صورحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيوته نواز شريف سان ملڪي معاملن تي ڳالهه ٻول ٿي. نواز شريف سان 35 سالن جو تعلق آهي، آئون استقبال جو قائل نه آهيان. سندس چوڻ هو ته پارٽي جي ڪنهن ليڊر جي حوالي سان مون کي ڪي خدشا ڪونه آهن، نواز شريف جي واپسي جي حوالي سان ڪيل مشاورت ۾ شامل ڪونه هئس. هن چيو ته9 مئي واقعن ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي حڪومت جي ذميواري آهي. مظاهرا ڪندڙ ماڻهن کي الله هدايت ڏئي. هن چيو ته چونڊن ۾ مسلم ليگ ن کٽي ٿي ته وزارت عظميٰ جو فيصلو پارٽي ڪندي. هن چيو ته نئين پارٽي ٺاهي ناهي، ان بابت ڳالهه ڪئي هئي.