اسلام آباد/ راولپنڊي (بيورو رپورٽ+ م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو. شاهد خاقان عباسي پنهنجي زال سان گڏ چين وڃڻ لاءِ اسلام آباد جي هوائي اڏي تي پهتو هو، اميگريشن ڪليئرنس جي موقعي تي کيس آگاهه ڪيو ويو ته سندس نالو سنڌ جي عدالت ج حڪم تي اسٽاپ لسٽ م آهي، ان ڪري هو سفر نٿو ڪري سگھي. اها خبر پوڻ کان پوءِ شاهد خاقان عباسي واپس موٽي ويو پر سندس زال ايئر چائنا جي اڏام سي زيڊ 6008 ذريعي چين رواني ٿي وئي. بعد ۾ حڪومت اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جو نالو سٽاپ لسٽ مان ڪڍي ڇڏيو. ذريعن مطابق اڳوڻي وزير اعظم پاڪستان شاهد خاقان عباسيءَ جو نالو سٽاپ لسٽ کان ڪڍيو ويو آهي جنهن کان پوءِ شاهد خاقان عباسي نجي ايئر لائين ذريعي چين جي لاءِ روانو ٿي ويو آهي.