ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر پاڪستاني رانديگر شان مسعود جي تعريف ڪندي چيو آهي ته اوپنر بيٽنگ ڪندي پنهنجي حڪمت عملي سان بولرن کي دٻاءُ جو شڪار ڪري ڇڏيندا آهن جنهن جو فائدو هن جي ٻين ساٿي بيٽرز کي به ملندو آهي ۽ اهي بغير ڪنهن پريشر جي کيڏندي ٽيم جي ڪاميابين ۾ حصو وجهڻ ۾ ڪامياب ٿيندا آهن. هن چيو ته شان مسعود انگلش ڪائونٽي ليگ ۾ شاندار پرفارمنس سان قيادت جو حق ادا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيو آهي. شان مسعود هلندڙ سيزن ۾ ڊربي شائر سان معاهدو ڪري رکيو آهي جڏهن ته ريڊ بال ڪائونٽي چئمپين شپ ۾ هنن 991 رنز ٺاهيون آهن، جنهن ۾ 3 سينچريون جڏهن ته 2 ڊبل سينچريز شامل آهن.