وزيرستان (انٽريسٽنگ نيوز) اتر وزيرستان جي هڪ 9 سالن جي ڇوڪريءَ بلند ٽڪرين تي چڙهڻ ۽ بي خوف ٿي هڪ ننڍڙي تلاءَ ۾ ٽپو ڏئي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. دلير ۽ بهادر باز خالقه اسڪول جي تعليم نه هجڻ ڪري تعليم کان محروم آهي، پر اوچيون ٽڪريون سندس جذبي ۾ رڪاوٽ نه آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي باز خالقه چيو ته، “اسان وٽ هتي اسڪول ناهي، اسان بجلي کان محروم آهيون ۽ صرف ٻڪريون چرائيندا آهيون. منهنجي خواهش آهي ته اوچي هنڌن ۽ پٿرن تان پاڻي ۾ ٽپو ڏيان.”ٻئي طرف، علائقي جا رهواسي، جيڪي پاڻي، بجلي ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان محروم آهن، اهو به چيو ته اهي پڻ چاهين ٿا ته هتي هڪ اسڪول قائم ٿئي.