شام ۾ ڦاٿل 300 کان وڌيڪ پاڪستاني شهري بيروت جي رستي ڏيهه واپس پهچي ويا، چارٽرڊ جهاز ذريعي پاڪستاني شهرين کي ڏيهه پهچايو ويو، وزيراعظم شهبازشريف جي شام ۾ ڦاٿل وڌيڪ پاڪستانين جي واپسي لاءِ قدم جاري رکڻ جي هدايت، وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته شام مان پاڪستانين جي محفوظ طريقي سان ڏيهه واپسي لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا ويا آهن، لبنان جي وزيراعظم جا ٿورائتا آهيون، پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته 250 زائرين سميت 475 پاڪستاني شهري شام جي سرحد پار ڪري لبنان ۾ داخل ٿيا، پاڪستان شام جي خودمختياري ۽ سالميت جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو.