دمشق: شام تي باغين جي قبضي سبب سوين پاڪستاني زائرين شام ۾ ڦاسي پيا. بشار الاسد جي ملڪ مان فرار ٿيڻ کانپوءِ باغي مليشيا حيات التحرير الشام سرڪاري عمارتن ۽ ايئرپورٽس جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي. ذريعن موجب ايئرپورٽ جي بندش سبب شام ۾ تقريبن 250 پاڪستاني زائرين ڦاسي پيا آهن. واضح رهي ته هر سال لکن جي انگ ۾ پاڪستاني زائرين مقدس هنڌن جي زيارت لاءِ عراق ۽ شام جو سفر ڪندا آهن.