دمشق / تل ابيب / جده / تهران / اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي صدر بشارالاسد حڪومت جي خاتمي کانپوءِ شام به اسرائيلي حملن جي لپيٽ ۾ اچي ويو. صيهوني فوج تاريخ جو وڏو حملو ڪري 310 هنڌن تي وحشياڻي بمباري ڪري ڏني، دمشق ڌماڪن سان لُڏي ويو، فوجي ٺڪاڻا، هوائي اڏا، هيليڪاپٽر ۽ جهاز تباهه ٿي ويا، 3 شهري مارجي ويا. اسرائيل شامي شهر لاذقيه ۾ به هوائي دفاعي نظام ۽ سامونڊي جنگي جهازن کي نشانو بڻايو، فوجي گودامن تي به حملا ڪيا ويا. اسرائيلي فوج گادي واري هنڌ دمشق ۽ ڀرپاسي فوجي ٺڪاڻن ۽ جاچ مرڪزن کي نشانو بڻايو. سيرين آبزرويٽري موجب اسرائيل ايئرپورٽس، گودامن، ويڙهاڪ جهازن، ريڊار ۽ هٿيارن جي ڊپو سميت اهم عسڪري ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو. هوڏانهن گولان جي جبلن تان بفرزون مان نڪتل اسرائيلي ٽينڪون دمشق کان 25 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهن، اسرائيل شام ۾ حملن کي پنهنجي تحفظ لاءِ محدود ۽ عارضي قدم قرار ڏئي ڇڏيو. اسرائيلي حملن کانپوءِ علائقي ۾ صورتحال ڇڪتاڻ واري پيدا ٿي وئي، شام طرفان اڃا تائين فوري ردعمل سامهون ناهي آيو. هوڏانهن سعودي عرب، ايران ۽ قطر اسرائيلي قبضي ۾ واڌ ۽ شام تي حملن جي مذمت ڪئي آهي. سعودي عرب جو چوڻ آهي ته اسرائيل شام جي سلامتي کي نقصان پهچائي رهيو آهي، اسرائيلي قدم شام ۾ سڪيورٽي بحالي جو موقعو تباهه ڪرڻ جي خواهش کي ظاهر ڪري ٿو. هوڏانهن مصر گولان ۾ اسرائيلي قبضي کي کليل ڌاڙو قرار ڏئي ڇڏيو. اسرائيل شام جي 25 ڪلوميٽر علائقي تي قبضو ڪري ورتو آهي.