دمشق (م ڊ) شام ۾ هڪ لک ماڻهن جي اجتماعي قبرن جو انڪشاف ٿيو آهي، جن ۾ شامين کان علاه آمريڪي، برطانوي ۽ ٻيا غير ملڪي شهري به شامل آهن. شام مان بشار الاسد جي فرار ٿيڻ کانپوءِ خوفناڪ حقيقتون منظر تي اچي رهيون آهن جن مان هڪ اجتماعي قبر جو انڪشاف ٿيو آهي جنهن ۾ لڳ ڀڳ هڪ لک ماڻهن کي پوريو ويو آهي. خابرو ايجنسي موجب آمريڪا ۾ قائم شام جي وڪالت ڪندڙ هڪ تنظيم جي سربراهه چيو آهي ته دمشق جي ٻاهران هڪ اجتماعي قبر ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک ماڻهن جا لاش موجود آهن، جن کي اڳوڻي حڪومت طرفان ماريو ويو. دمشق مان ٽيليفون تي ڳالهائيندي معاذ مصطفيٰ چيو ته شام جي گادي واري هنڌ دمشق کان 40 ڪلوميٽر اتر ۾ القطيفه هنڌان پنجن اجتماعي قبرن مان هڪ آهي جنهن جي ڪيئي سال اڳ نشاندهي ڪئي هئي. شامي ايمرجنسي ٽاسڪ فورس جي سربراهه مصطفيٰ چيو ته واقعي واري هنڌان دفن ڪيل لاشن جو تعداد سڀ کان وڌيڪ هڪ محتاط اندازي موجب هڪ لک آهي. خابرو اداري معاذ مصطفيٰ جي الزامن جي تصديق ناهي ڪئي. هڪ اندازي موجب 2011 ع کان هن وقت تائين لکين شامي شهري مارجي چڪا آهن، بشارالاسد طرفان سندس حڪومت خلاف مظاهرن خلاف ڪريڪ ڊائون وڏي پيماني تي گهرو ويڙهه جي شڪل اختيار ٿي چڪي هئي. ملڪ تي حڪمراني ڪندڙ پي پٽ تي شامي انساني حقن جي تنظيمن ۽ ٻين حڪومتن طرفان وڏي پيماني تي عدالتن کان مٿانهن قتلن جو الزام هنيو هو. جنهن ۾ ملڪ جي بدنام زمانه جيل نظام اندر وڏي پيمائي تي موت جي سزا به شامل آهي.