دمشق(انٽريسٽنگ نيوز) شام ۾ تباهه ٿيل گهر جي ملبي صاف ڪندي 1500 سال پراڻو مقبرو هٿ، خبر موجب شام ۾ هڪ ٺيڪيدار تباهه ٿيل گهر جي ملبي کي صاف ڪندي هڪ تاريخي بازنطيني دور جو مقبرو دريافت ڪيو آهي.شام جي صوبي ادلب جي هڪ ڳوٺ معرات النعمان ۾ 1,500 سال پراڻا کنڊر مليا آهن. گذريل ڊسمبر ۾ بشار الاسد جي خاتمي کان وٺي اتي رهائشي علائقن جي تعمير جو ڪم جاري آهي. تعميراتي منصوبي دوران دريافت کانپوءِ، مقامي ماڻهن لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪيو، جن بعد ۾ ماهرن جي هڪ ٽيم موڪلي ته جيئن سائيٽ کي محفوظ بڻائي ۽ ان جو معائنو ڪري سگهجي.ڪمپليڪس جي تصويرن ۾ اهو ڏسي سگهجي ٿو ته تباهه ٿيل عمارت جي ڀرسان هڪ کڏ آهي جيڪا ٻن ڪمرن جي دروازن ڏانهن وڃي ٿي، هر هڪ ۾ ڇهه قبرون ۽ هڪ ٿنڀ آهي، جنهن تي صليب لڳل آهي.ادلب ۾ نوادرات جي ڊائريڪٽر حسن الاسماعيل چيو ته سائيٽ تي دريافت ڪيل صليب، مٽيءَ جا ٿانو ۽ شيشي جا ٽڪرا ظاهر ڪن ٿا ته مقبرو بازنطيني دور جو آهي.