دمشق (مانيٽرنگ ڊيسڪ) شام ۾ لڳ ڀڳ اڌ صدي تائين اقتدار ۾ رهندڙ الاسد خاندان جي اقتدار جو خاتمو ٿي ويو آهي ۽ شام جي باغين حڪومت تي قبضو ڪري ورتو آهي. ان ڏس ۾ پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب شامي باغين جي گروپ حيات تحرير الشام شامي تخت گاهه تي قبضو ڪري سرڪاري ٽي وي تي پهرئين ئي خطاب ۾ سڀني قيدين لاءِ عام معافي جو اعلان ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب شامي باغين پنهنجي فتح جو اعلان سرڪاري ٽي وي تي ڪندي ٻڌايو ته شام مان بشار الاسد حڪومت جي ڊگهي دور جو خاتمو ٿي ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب باغين پهرئين ئي خطاب ۾ سڀني قيدين لاءِ عام معافي جو اعلان ڪندي چيو ته دمشق ۾ صورتحال محفوظ آهي، ڪنهن جي به خلاف انتقامي ڪارروائي نه ٿيندي. پرڏيهي ميڊيا موجب شامي باغين آزاد شام جي خود مختياري ۽ سلامتي جي خاطري ڪرائيندي چيو ته شام ۾ ڪاري دور جي خاتمي کانپوءِ نئون دور شروع ٿي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب باغين جي اقتدار تي قبضي کان پوءِ شامي صدر بشارالاسد دمشق ڇڏي نامعلوم هنڌ منتقل ٿي ويو، بشارالاسد جا صدارتي محافظ به ان جي معمول واري رهائشگاهه تي مقرر نه آهن جنهن سبب شهر ۾ اهي ڳالهيون هلي رهيون آهن بشارالاسد فرار ٿي چڪو آهي. پرڏيهي ميڊيا طرفان دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته شامي ويڙهاڪن شام جي شهر حمص تي مڪمل ڪنٽرول جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته سينٽرل جيل تي قبضو ڪري 3500 قيدين کي به آزاد ڪري ڇڏيو. باغين صدر بشارالاسد جا پورٽريٽ به ڦاڙي ڇڏيا جڏهن ته بشارالاسد جي والد حافظ الااسد جو مجسمو به ڪيرائي ڇڏيو. ميڊيا رپورٽن موجب شامي ويڙهاڪن ديرالزور جو ڪنٽرول سنڀالي پنهنجو جهنڊو ڦڙڪائي ڇڏيو ۽ صدر بشارالاسد جي فوج کي شهر ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. شامي فوج ڪا به مزاحمت نه ڪئي. 2 هزار کان وڌيڪ فوجي جنگ جو ميدان ڇڏي عراق ڀڄي ويا. ميڊيا رپورٽن موجب فوجين عراقي حڪومت فرارٿيندڙ فوجين کي القائم بارڊر ڪراسنگ ذريعي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني. جنهن بعد ڪيترن ئي فوجين ۽ سرڪاري آفيسرن عراق ۾ پناهه وٺي ڇڏي آهي. ٻئي طرف ويڙهاڪ اڳواڻ محمدالجولاني چيو آهي ته شام ۾ تازي بغاوت جو مقصد بشارالاسد جي حڪومت کي ڪيرائڻ آهي، شامي حڪومت جو خاتمو ٿي چڪو آهي، هٿيار ڦٽا ڪندڙ سرڪاري فوجين کي عام معافي ڏني ويندي. هوڏانهن بشار الاسد جي حڪومت جي خاتمي تي شام جي مختلف علائقن ۾ جشن ملهايو ويو. هوڏانهن شامي صدر بشار الاسد جي هڪ جھاز حادثي ۾ مارجي وڃڻ ۽ روس ڀڄي وڃڻ جا متصاد اطلاع هلي رهيا آهن. ان ڏس ۾ پرڏيهي ميڊيا موجب شامي صدر بشار الاسد جنهن جهاز ۾ ملڪ مان فرار ٿيو، ان جو ريڊار سان رابطو ڪٽجي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب شام جي صدر بشار الاسد بابت شڪ آهي ته هو حادثي ۾ فوت ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ملڪ مان فرار ٿيڻ کانپوءِ بشار الاسد جي جهاز ريڊار تان گم ٿيڻ کان اڳ هڪ غير معمولي ٽرن ورتو هو. ميڊيا رپورٽن موجب شام جي تخت گاهه دمشق ۾ باغين جي داخل ٿيڻ کان اڳ ئي بشار الاسد هڪ جهاز ۾ اڻڄاتل هنڌ ڏانهن روانو ٿي ويو هو. هوڏانهن روسي ميڊيا ۽ روسي اختيارين پاران چيو پيو وڃي ته شامي صدر بشار الاسد ۽ سندس خاندان روس پهچي ويو آهي جتي انهن سياسي پناهه حاصل ڪري ورتي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب روسي ايجنسي ڪريملن به تصديق ڪئي آهي ته بشار الاسد جي خاندان سياسي پناهه حاصل ڪري ورتي آهي. روسي خابرو اداري موجب بشار الاسد هن وقت ماسڪو ۾ آهي. روسي اختياريون شامي اپوزيشن اڳواڻن سان به رابطي ۾ آهن. شامي اپوزيشن شام ۾ روسي سفارتڪارن جي حفاظت جي پڪ ڏياري آهي. ٻئي طرف اسرائيل شام ۾ سياسي بحران مان فائدو کڻندي پنهنجي فوج شام ۾ داخل ڪري ڇڏي آهي ۽ گولان ٽڪرين کان اڳتي وڌندي بفرزون کان ٻاهر شهر تي قبضو ڪري ورتو آهي. اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته اسان پنهنجي سرحدن جي ويجهو ڪنهن به مخالف کي برداشت نه ڪنداسين، اسان جو 1967 جي جنگ جو معاهدو بشارالاسد جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ ئي ختم ٿي ويو آهي. جڏهن ته آمريڪا شام ۾ داعش جي ٺڪاڻن تي حملو ڪيو آهي جنهن ۾ بي 52 بمبر، ايف 15 ۽ اي 10 جنگي جهاز استعمال ڪيا ويا آهن. جاني نقصان جا اطلاع نه مليا آهن. بائيڊن انتظاميا جو چوڻ آهي ته نئين شامي انتظامي تنظيم ايچ ٽي ايس جي ڪيترن ئي اڳواڻن جو داعش سان واسطو آهي ۽ اهي دهشتگردي ۾ ملوث آهن. بشارالاسد حڪومت جو خاتمو انصاف جي فتح آهي. آسٽريليا، جرمني ۽ ڪيناڊا به اسد حڪومت خاتمي جي حمايت ڪئي آهي. يورپين ڪميشن جي صدر رسلا ونڊ ليئن جو چوڻ آهي ته يورپ شام کي نئين سر تعمير ۾ مدد ڪندو. ٻئي طرف عرب ليگ به شام جي باغين جي نئين حڪومت کي قبول ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سعودي عرب به شهرين جي حفاظت لاءِ کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. جڏهن ته حيات تحرير الشام ايچ ٽي ايس جي سربراهه ابو محمد الجولاني پنهنجي پهرئين خطاب ۾ چيو ته هي سموري اسلامي قوم جي فتح آهي اهو خطي جي تاريخ جو نئون باب آهي. شام ايران لاءِ راند جو ميدان هو جنهن فرقيواريت پکيڙي ۽ ڪرپشن جو بنياد وڌو. پر هاڻ الله جي مهرباني سان شام کي پاڪ ڪيو پيو وڃي.