“شام” مٿان شام ۽ دِل جو درد!

0
21
“شام” مٿان شام ۽ دِل جو درد!

ان ڏينهن آئون اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ ھئس، قيامت وارو منظر هو. ماڻھو سندن سيريس مريضن وٽ اُداس بيٺا هئا، جونيئر ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻيون مريضن جي وارثن کي مختلف رپورٽن، دوائن ۽ ويل چيئر لاءِ ڊوڙائي رهيا هئا، ھڪ قيامت جو منظر هو، اسپتال ۾ ھڪ درناڪ ڪيفيت ۽ تماشو هو، ٺيڪ ان وقت شام ملڪ ۾ ھڪڙا ماڻھو روڊن تي اڳيان وڌي رهيا هئا ته ٻيا ماڻھو غير يقيني واري صورتحال ۾ لڏ پلاڻ ڪري محفوظ ھنڌن ڏانهن وڃي رهيا هئا، ڇاڪاڻ ته باغين شام جي گاديءَ واري هنڌ دمشق کي گهيري ۾ آڻي ورتو هو، ان وقت شامي صدر بشارالاسد جو جهاز شاهي محل مان اوچتو فضا ۾ اڏاڻو ۽ ايئن گم ٿي ويو، جيئن ان ڏينهن اسپتال ۾ پاسي واري بيڊ تي بيمار پيل نوجوان جو دم پرواز ٿي ويو ۽ ھو ڊيڊ باڊي بڻجي ويو، ايئن ايمرجنسي وارڊ ۾ ڪيترائي ڳڻتيءَ جوڳا مريض وقفي وقفي سان موڪلائيندي ٿي ويا، اسپتال ۾ دانهھن ۽ آهُن جو گوڙ، در ۽ درين سان ٽڪرائجي پڙاڏو بڻجي ٿي ويو. ٺيڪ ان وقت سلطنت شام جي شهرن جي روڊن ۽ رستن  تي باغين جي آوازن جو اهڙو ئي هُل گونجي رهيو هو، جن هڪ هفتي اندر ئي شام کي فتح ڪري ورتو هو، باغين جي دمشق تي قبضي کان پوءِ شامي صدر بشارالاسد جهاز ۾ چڙھي روس ڀڄي ويو، هن جي ڀڄي وڃڻ کان پوءِ اهي افواهه به ميڊيا ذريعي ٻُڌڻ ۾ اچي رهي هئا ته، سندس جهاز ريڊار ۾ نظر نه ٿو اچي، شايد جهاز حادثي جو شڪار ٿي ويو آھي، پر ڪجھ ڪلاڪن کان پوءِ روسي ميڊيا ٻڌايو ته هُو صحيح سلامت ڪٽنب سميت روس پهچي ويو آھي. اهڙي طرح سان بشارالاسد جي  شام مان ڀڄي وڃڻ کانپوءِ علوي خاندان جي اڌ صدي جي اقتدار جي پڄاڻي ٿي ويئي. ٻڌايو پيو وڃي ته علوي فرقي شام ۾ ڪيترائي سور سهندي ۽ صليبي جنگين ۾ نقصان کائيندي شام جي اسٽيبلشمينٽ ۾ جڳھ ورتي هئي، بشارالاسد جو والد حافظ اسد 1966ع ۾ شام جو وزير دفاع بڻيو ۽ 1971ع ۾ شام جو صدر بڻيو، جيڪو عهدو 2000ع ۾ سندس موت تائين موجود رهيو، حافظ اسد جو پٽ بشار اسد 1965ع ۾ ڄائو، جنهن وقت شام ۽ وچ اوڀر ۾ وڏيون تبديليون ۽ سياسي اٿل پٿل شروع ٿي چڪي هئي، جنهن جو اثر سڄي خطي تي پوڻ شروع ٿيو هو، جنهن وقت عرب قومپرستي ڪري جمال عبدالناصر جي صدارت سميت ڪيترن ئي پاڙيسري ملڪن خاص ڪري مصر جي علائقائي سياست به متاثر ٿي هئي. بي بي سي جي رپورٽ مطابق، بشارالاسد اکين جو ڊاڪٽر هو، هن کي سياست ۾ اچڻ جو ڪو گهڻو شوق نه هو، پر 1994ع ۾ سندس وڏي ڀاءُ باسط جي ڪار حادثي ۾ فوت ٿيڻ کان پوءِ هن کي شام جي اقتدار ۾ ذھني طور تيار ڪيو ويو ۽ پوءِ ھن اقتداري سرگرمين ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي، اهڙي طرح سان سندس پيءُ حافظ الاسد جي گذاري وڃڻ کان پوءِ هُو اقتدار ۾ آيو.

ڪنهن به ماڻھوءَ جو اقتدار ۾ اچڻ توڙي نڪرڻ ۽ زندگيءَ جي پڄاڻي ٿيڻ جي ڪنهن کي خبر نه ٿي پوي، انساني اقتدار توڙي هن جو ساهه ڪنهن به وقت وڃي سگهي ٿو،  بنگلاديش جي وزيراعظم  شيخ حسينا کي به سندس اقتدار وڃڻ جي خبر نه هئي، هوءَ 4 آگسٽ 2024ع تائين شاهي محل ۾ ويٺي رهي، ٻئي ڏينهن  يعني 5 آگسٽ سومر ڏينهن يارهين وڳي ڌاري سڀ ڪجھ ھتي ڇڏي، وزيراعظم هائوس مان ساهه بچائي نڪتي، پر ان ڏينهن اسپتال ۾ داخل اميد علي جي ڀيڻ جو ساهه بچي نه سگهيو ۽ ٽئي ڏينهن الٽي کان پوءِ جڏھن سردي وڌي رهي هئي ته ان وقت  هن جو جنازو قبرستان ڏانهن کنيو پئي ويو. دنيا ۾ ھر ماڻھوءَ جو سفر گهر کان قبرستان ۾ کٽي ٿو.

مون کي هڪ شعر ياد آيو، جيڪو مون مير مرتضيٰ ڀٽو جي شھادت تي لکيو هو، جنهن کي پوليس سڌيون گوليون هنيون هيون، جنهن مان کيس ڇھ گوليون جسم ۾ لڳيون ۽ ھو گاڏي مان لهي گاڏي جي پاسي ۾ وڃي ڪِريو ۽ رت ڦوهارا ڪري وهي رهيو هو، پوليس کيس ڏسي رهي هئي، سندس اها تصوير 21سيپٽمبر 1996ع جي ڏينهن جي اخبارن ۾ خبر سان گڏ ڇپي هئي.

ڏاڍو رُنو ۽ رُليو آھيان، پنهنجو پاڻ تي کِليو آھيان،

چنڊ کان ڌار ٿي روشني آھي، زندگيءَ تي ڀُليو آھيان.

هن وقت جڏھن شام تي باغي گروپ هيئت تحرير شام جو مڪمل ڪنٽرول قائم ٿي چڪو آھي ته ان وقت اسرائيل جون فوجون پيش قدمي ڪري رهيون  آھن، جيڪو عمل نه رڳو بين الاقوامي قانون جي ابتڙ آھي، پر ڪنهن ٻئي ملڪ جي حصي تي حملو ڪري قبضو ڪرڻ سنگين ڏوهه به آھي، جنهن سان اڳتي هلي عالمي جنگ ڇڙڻ جا به آثار پيدا ٿي سگهن ٿا، هيئت تحرير شام جو شامي جهڙي ۾ ڪافي وقت کان ڪردار رهيو آھي، هيئت تحرير شام جو وجود 2011ع ۾  جبهت النصره جي نالي سان سامهون آيو، جيڪو گروپ القاعده سان منسلڪ ٻڌايو ٿو وڃي، 2016ع ۾ جبهت النصره جي سربراهه ابو محمد الجولاني القاعده سان تعلق ختم ڪري ٻين گروپن سان اتحاد ڪري هيئت تحرير شام نالي سان هڪ سندس پارٽيءَ جو بنياد رکيو، جا اڄ ڪلھ شام فتح ڪري چڪي آھي.

شامي وزيراعظم محمد الجلالي صدر بشارالاسد جي روس ڀڄڻ کان پوءِ اعلان ڪيو ته عوام پرامن رهي. هو خاطري ٿو ڏي ته  اقتدار جي منتقلي به پرامن طريقي سان ڪئي ويندي، اقوامِ متحده مطابق، باغين جي ڪارروائيءَ ۾ ٽي لک جي لڳ ڀڳ ماڻھو بي گهر ٿي ويا آھن ۽ صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي پئي وڃي. ياد رهي ته 2011ع ۾ شام ۾ جمهوريت جي حمايت ۾ نڪتل مظاهرن کان پوءِ شروع ٿيل خانا جنگيءَ ۾ ھزارين ماڻھو مارجي ويا هئا، اڳيان هلي شام جي ڪهڙي صورتحال بڻجي ٿي، اهو چوڻ قبلِ از وقت آھي پر هڪ ڳالهه واضح آھي، سا اها ته ڪنهن هڪ ملڪ ۾ انقلاب ذريعي اقتدار جي حاصلات ۾ ٿيل رتوڇاڻ جا اثر پري پري تائين پون ٿا ۽ حالتون به خراب ٿي وڃن ٿيون، ساري دنيا سميت اسان وٽ به امن امان جو مسئلو آھي، ان جو ڪارڻ سياسي ڇڪتاڻ آھي، اهڙي منجهيل ۽ مشڪلات واري صورتحال مان گذري رهيا آھيون، مخالف ڌر سوڀ جي نشي ۾ سڀ ڪجھ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿي ۽ ڪارڪنن کي اتساهي، بنگلاديش ۽ شام جهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ گهري ٿي، اهڙي صورتحال جي اسان وٽ قطعي گنجائش ڪونهي، ڇاڪاڻ ته اسان ذري گهٽ قيامت جهڙي صورتحال مان گذري رهيا آھيون، زراعت تباهه، پاڻي جي مسلسل کوٽ، مهانگائي، بدامني، بيروزگاري، بک، ڪرپشن، بيحسي، احساس محرومي، بنيادي سهولتن جي کوٽ، اغوا، ڦرون، ۽ ٻيو اهو سڀ جيڪو دل کي جهير ڏيندڙ آهي.

روز ٿو ڪو خودڪشي ڪري، دل جا ارمان کڻي،

بيماريءَ ۾ تڙپي ٿو مري، پيو ڄڻ ڪو گل ڇڻي.

مون کي  اسپتال جي ايمرجنسي ۾  داخل بيمار ماڻھن جي وارثن جا پريشاني ۾ نرسن ۽ ڊاڪٽر کي ڪيل سڏ ۽ دمشق جي رستن تي فاتح باغين  جا خوشي ۾ ڪيل آوازن جا پڙاڏا  رات دير تائين ڪنن ۾ گونجن ٿا ۽ پوءِ سوچيندي سوچيندي ننڊ ڦِٽي ٿي وڃي.