اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات تائين شام جي حوالي سان تازيون خبرون هي هيون ته سومر ۽ اڱاري جي ڏينهن اسرائيل شام تي 300 کان وڌيڪ حملن ڪيا (اهي سٽون ڇپائي لاءِ موڪلڻ تائين اسرائيلي حملن جو تعداد 500 ٿي ويو آهي، جيڪو اسرائيل پاڻ تسليم ڪيو آهي). انهن حملن ۾ سڀ کان وڏو حملو مطاڪيه جي بندرگاهه تي ٿيو، جتي اسرائيلي جهازن جي بمباري سان مرڪزي گودام سميت ڪيتريون ئي عمارتون ۽ انهن ۾ رکيل سامان تباهه ٿي ويو. اڱاري جي ٽپهريءَ وقت اسرائيل دعوا ڪئي ته سندس فوجون دمشق کان 29 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهن. انهيءَ ڏينهن اسرائيل دمشق جي ڏکڻ ۾ بيت تيم، حنا، ارني، ۽ بيقاسم نالي وسندين تي قبضو ڪري ورتو. اسرائيلي فوج شام جي بلند ترين جبل مائونٽ برمون تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ ان جي بلند ترين قلعي تي به قبضو ڪري ورتو.
شام تي قبضي ڪرڻ واري هئيت التحرير الشام جي قيادت اسرائيلي ڪاررواين تي بنهه خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي. اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته هئيت التحرير الشام جي بغاوت کان هزارين ڀيرا وڌيڪ نقصان اسرائيلي حملن سبب ٿيو آهي. عرب خطي مان ڪجهه ملڪن رسمي طور اسرائيلي ڪارروائي جي مذمت ضرور ڪئي آهي، پر ان کان وڌيڪ اهي ڪجهه ڪرڻ يا چوڻ جي پوزيشن ۾ ناهن. اڄ جي حالتن ۾ اها اميد به نٿي ڪري سگهجي ته عرب ليگ جي رڪن ملڪن کي 2006ع ۾ پنهنجي ان ٺهراءَ تي افسوس ٿيو هوندو، جنهن ۾ عرب ليگ اسرائيل کان ڏکڻ لبنان آزاد ڪرائڻ واري لبناني تنظيم حزب الله کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو هو.
آچر جي صبح کان اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات تائين اسرائيل شام خلاف جيڪي زميني ۽ هوائي ڪارروايون ڪيون، انهن ڪاررواين سبب ٿيل نقصان مان اهو سمجهڻ مشڪل ناهي ته هئيت التحرير الشام کي منظم ڪرڻ ۽ بغاوت کي ڪامياب بنائڻ ۾ سڀ کان اڳتي ۽ پردي پويان ملڪن ۽ قوتن جا مقصد ڪهڙا آهن. انهيءَ دوران، ‘ظاهري طور تي’ حيران ڪندڙ طريقي سان فلسطيني تنظيم حماس شام ۾ بغاوت جي ڪاميابي تي شامي عوام کي مبارڪباد ڏيندي اها اميد ظاهر ڪئي ته شامي عوام هاڻي آزاد ماحول ۾ زندگي گذاريندو.
حماس جي ان بيان کي حماس ۽ بشار الاسد جي اختلافن کي شروعات کان سمجهڻ جي ضرورت آهي. 2011ع ۾ جڏهن بشار الاسد خلاف النصره فرنٽ هٿياربند مزاحمت شروع ڪئي، ته ايندڙ سالن ۾ شامي حڪومت پنهنجن ميڊيا ذريعن وسيلي ٻه اهم انڪشاف ڪيا: پهريون ته، “فلسطيني تنظيم حماس، النصره فرنٽ جي ويڙهاڪن کي پاڻ وٽ تربيت ڏني آهي”. اهو انڪشاف ان لاءِ به حيران ڪندڙ هو جو عرب خطي ۾ شام اهو ملڪ هو، جتي حماس جون سياسي آفيسون قائم ٿيل هيون، ۽ خالد مشعل سميت (جيڪو ان وقت حماس جي سياسي شعبي جو سربراهه هو) ڪيترائي اڳواڻ شام ۾ رهندا هئا. خالد مشعل کي ته باقاعدي رياستي سربراهه جي پروٽوڪول سان نوازيو ويو هو۔
حماس ۽ النصره فرنٽ جي لاڳاپن جي منظرعام تي اچڻ کان پوءِ، بشار الاسد حڪومت حماس جي سياسي آفيسن ۽ اڳواڻن کي ڪنهن ٻئي ملڪ منتقل ڪرڻ لاءِ چيو. ان جي نتيجي ۾ حماس جي سياسي آفيس عرب دنيا ۾ آمريڪا جي علائقائي هيڊڪوارٽر جي حيثيت رکندڙ ملڪ قطر منتقل ٿي وئي. خالد مشعل ۽ ٻيا ڪيترائي اڳواڻ دمشق ڇڏي قطر هليا ويا. خالد مشعل اڃا به اتي رهائش پذير آهي.
پهريون ڀيرو انهن ٻن بغاوتن دوران الجهاد الاسلامي براءِ خلافت ۽ داعش جا هڪ ئي وقت اسرائيل ۽ حماس سان لاڳاپا سامهون آيا. ان وقت اها تلخ حقيقت پڻ سامهون آئي ته بشار الاسد خلاف هٿياربند مزاحمت ۾ مصروف ويڙهاڪ گروپن جي زخمين کي علاج لاءِ سهولتون ڏيڻ لاءِ اسرائيل گولان جي بفر زون ۾ خاص موبائل اسپتال قائم ڪئي هئي.
بشار حڪومت جو ٻيو انڪشاف سال 2015ع ۾ سامهون آيو. ان سال رمضان المبارڪ کان اڳ حمص جي ويجهو شامي فوج هڪ ڪارروائي ۾ داعش سان گڏ هٿياربند ڪارروائين ۾ شامل ڪجهه پاڪستانين کي گرفتار ڪيو. انهن گرفتار ٿيل ماڻهن ۾ ڪالعدم لشڪر جھنگوي جو مرڪزي نائب امير، امجد فاروق معاويه، پڻ شامل هو. امجد فاروق معاويه جولاءِ 2013ع ۾ سينٽرل جيل ڊيره اسماعيل خان مان ڀڄي ويو هو. جولاءِ 2013ع ۾ ڊيره اسماعيل خان جيل ٽوڙڻ يا ان تي ٻاهران حملو ڪري ڪالعدم تنظيمن جي ماڻهن کي آزاد ڪرائڻ وارو واقعو ملڪ جي تاريخ ۾ اهم ترين واقعو هو. ان وقت اهو به چيو ويو ته ڊيره اسماعيل خان جيل مان ڀڄي وڃڻ وارن يا ڀڄايل ڪالعدم تنظيمن جي ميمبرن جو صوبائي حڪومت جي مدد سان، رياست سان اهو معاهدو ٿيو هو ته اهي ماڻهو جيل مان نڪرڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ ڪنهن به ڪارروائي جو حصو نه بڻجندا، پر شام ۾ جهاد لاءِ هليا ويندا.
سال 2015ع جي رمضان کان اڳ حمص ۾ گرفتار ٿيل پاڪستاني جنگجو امجد فاروق معاويه جو اعترافي بيان سڌي ريت شامي ٽي وي چينل تي نشر ٿيو. ان اعترافي بيان ۾ امجد فاروق معاويه اعتراف ڪيو ته لشڪر جھنگوي ۽ داعش جي وچ ۾ اهو معاهدو ٿيو هو ته ٻئي تنظيمون گڏجي جهاد ڪنديون. ٽي وي تي سڌي طرح نشر ٿيل ان اعترافي بيان ۽ ڪيترن ئي ثبوتن کي شامي آرمي چيف جي خاص نمائندي پاڪستان پهچايو. ان وقت هتي هڪ سطح تي لشڪر جھنگوي خلاف ڪلين اپ آپريشن جو فيصلو ٿيو. ان فيصلي جي نتيجي ۾ ملڪ اسحاق (امير لشڪر جھنگوي)، غلام رسول شاهه ۽ ڪيترائي ماڻهو مظفر ڳڙهه جي ويجهو پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا.
اسان هن تلخ حقيقت کان منهن موڙي نٿا سگهون ته بشار الاسد خلاف اڳوڻين ٻن ناڪام بغاوتن دوران، هڪ پاسي لشڪر جھنگوي ۽ ان جي هم خيال تنظيمن داعش کي شام جي جهاد لاءِ عددي سهڪار فراهم ڪيو، ته ٻئي پاسي امام عليؑ جي نياڻي بيبي سيده زينبؑ جي روضي جي حفاظت لاءِ پڻ پاڪستاني شيعه نوجوانن جو وڏو تعداد شام پهتو ۽ هنن اتي حزب الله سان گڏجي ڪم ڪيو. ان عرصي دوران عرب سڌ سماءَ جي ذريعن ايران تي اهو الزام لڳايو ته ايران پنهنجين لبناني ۽ ٻين پراڪسيز ذريعي بشار الاسد جي حڪومت بچائڻ لاءِ سرگرم آهي. رڳو اهو ئي نه، پر انهن سالن ۾ هزارين ايراني رضاڪارن شام ۽ عراق ۾ داعش وغيره خلاف جاري جنگ ۾ حصو ورتو.
بشار مخالف بغاوتن ۾ پاڪستاني شيعه نوجوانن جي مقدس ماڳن جي حفاظت جي نالي ۾ شموليت جي خبرن سبب ايندڙ سالن ۾ حوزہ علميه نجف اشرف ۾ پڙهندڙ پاڪستاڻي شاگردن لاءِ سخت مشڪلاتون پيدا ٿيون. حوزہ علميه نجف ۾ پڙهندڙ انهن شاگردن مان ڪيترن ئي کي، جڏهن هو پنهنجي موڪلن دوران پاڪستان واپس آيا، ته رياستي ادارن کين پنهنجي تحويل ۾ ورتو. رڳو شاگرد ئي نه، پر انهن سالن ۾ عراق ۽ شام وڃڻ وارا اهي پاڪستاڻي شيعه به رياستي ادارن جي نشاني تي آيا، جن ويزا جي مدي ختم ٿيڻ کان پوءِ به انهن ملڪن ۾ ترسڻ جاري رکيو. رياستي ادارن جو ان وقت موقف اهو هو ته هي پاڪستاڻي شيعه زيارتن جي نالي تي عراق ۽ خاص ڪري شام ۾ بشار الاسد حڪومت جي غير رياستي مليشيائن جو حصو بڻجي هٿياربند ڪاررواين ۾ شريڪ رهيا آهن. انهن سالن ۾ کنڀيل ڪيترائي ماڻهو اڃان تائين گم آهن.
بشار الاسد خلاف تازي ڪامياب بغاوت کان پوءِ پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا تي فرقيواريت ۾ ڳچيءَ تائين ڦاٿل ماڻهو پنهنجي توپن جا منهن کولي مسلسل گولا باري ۾ مصروف آهن. هوڏانهن شام جي اندر حالتون هر گذرندڙ لمحي سان وڌيڪ پيچيده ٿي رهيون آهن. هئيت التحرير الشام جي سربراهه ابو محمد الجولاني هڪ طرف شامي فوجين لاءِ عام معافي جو اعلان ڪيو آهي، ته ٻئي پاسي هئيت التحرير جا هٿياربند ويڙهاڪ اڳوڻي حڪومت جي مختلف ادارن ۾ ڪم ڪندڙ اهم عملدارن، خاص ڪري خفيه ايجنسين جي اهم ماڻهن کي گرفتار ڪري رهيا آهن.
تازي بغاوت جي شروعات کان وٺي، حلب، حمص، دمشق سميت ٻين شهرن ۾ هئيت التحرير الشام جي ويڙهاڪن 27 بئنڪن کي لٽيو آهي. هڪ اندازي مطابق، ويڙهاڪن انهن بئنڪن مان اڍائي مڻ سون، 81 ڪروڙ ڊالر، ۽ شامي ڪرنسي جو وڏو تعداد پڻ لٽيو آهي.
(هلندڙ)