شام ۾ ٿيل ڊرامائي تبديلي خطي ۾ طاقت جي توازن کي مڪمل طور تي بگاڙي ڇڏيو آهي. اهو شام جي مستقبل ۽ بشارالاسد کانپوءِ جي منظر نامي جي حوالي سان شام جي پاڙيسرين ۽ عالمي اسٽيڪ هولڊرز جي ڪردار جي حوالي سان به ڪيترائي سوال اٿاري رهيو آهي.
شام جو مستقبل ڪهڙو آهي؟
ڏٺو وڃي ته، اسد سرڪار جي خاتمي بعد هاڻ شام ٽڪرا ٽڪرا ٿي ٽن غالب ڌڙن ۾ ورهائجي ويو آهي. جن مان هر ڌڙو ڪنهن نه ڪنهن عالمي طاقت جي مقصدن سان جڙيل آهي، يا ائين کڻي چئجي ته هو انهن جي پگهار دار طور ڪم ڪري رهيو آهي، انهن مان هر ڌڙي کي سالن کان عالمي طاقتن اسد گهراڻي جي خاتمي لاءِ استعمال ڪيو آهي، هاڻ جڏهن انهن جي سوڀ ٿي آهي ته اهي طاقتون پنهنجي پنهنجي ايجنڊا سان نروار ٿي سامهون اچي رهيون آهن، ۽ اهي ڌڙا هاڻ صرف ڏيکاءَ طور سامهون آهن، صرف 10 ڏينهن ۾ هيڏو وڏو ملڪ فتح ڪرڻ تي به پوري دنيا پريشان آهي، ۽ خود عرب ملڪ به هاڻ ان پريشانيءَ ۾ مبتلا آهن ته پهرين ڪنهن هڪ ماڻهوءَ تي دٻاءَ وجهي پنهنجون ڳالهيون مڃرائي وٺندا هئاسين پر هاڻ انهن مصيبتن، جيڪي ماضيءَ ۾ به سندن لاءِ پريشانيءَ جو سبب هيون، انهن کي منهن ڏيڻ ڪو ايترو سولو به ناهي.
حيات تحرير الشام نالي مخالف ڌر جو اهو وڏو گروپ، جيڪو ماضيءَ ۾ دولت اسلامي ۽ القاعده جي سائي ۾ رهي پروان چڙهيو هو، اهو گروپ هاڻ ترڪي جي سهڪار سان شام جي وچ واري علائقي تي حڪمراني ڪري رهيو آهي. جيڪو ترڪي سان ملندڙ اترين سرحد کان وٺي اردن سان ڏاکڻي سرحد تائين جي علائقي کي ڪنٽرول ڪري رهيو آهي، ان مخالف فورسز کي هر قسم جا جديد هٿيار مليل آهن، انهن ڪيترن ئي علائقن ۾ سالن کان پنهنجي حڪومت قائم ڪري ڇڏي هئي، جنهن کي هاڻ دمشق جي مرڪزي حڪومت ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ اها مختلف مذهبي سڃاڻپ رکي ٿي پر شام جي سني ڌڙن جي اندروني ويڙهه جي به هڪ تاريخ آهي. جنهن جي ڪري انهن کي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي حوالي سان ڪيتريون ئي مشڪلاتون به پيش اچي رهيون آهن. مخالف ڌر جي ان فوج ۾ اسلامڪ اسٽيٽ ۽ القاعده سان تعلق رکندڙ اڳوڻن جهادين کان وٺي سيرئين نيشنل آرمي جهڙا سيڪيولر گروپ به ان ۾ شامل آهن، اهي 2011ع جي بغاوت بعد اسد فوج کان الڳ ٿي ويا هئا، هاڻ اقتدار واري معاملي تي به اختلافن جو شڪار ٿي ويا آهن.
ڪرد فورسز؛ اهو گروپ ملڪ جي اتر اولهه واري علائقي تي قابض آهي، ان جي اتر ۾ ترڪي وچ ۾ عراق آهي. انهن جا لبنان جي حزب الله سان مضبوط لاڳاپا آهن. اهوگروهه مخالف ڌر واري فورس جي قبضي وارن علائقن ۾ اسد سرڪار سان جڙيل گروپن سان گڏجي فرقيواراڻي تحريڪ کي تيز ڪري سگهي ٿو، ان کي ظاهري طور ترڪي جي ڪا مدد حاصل ناهي پر ان گروهه کي آمريڪي آشيرواڌ حاصل آهي. انهن گروپن جي فرقيواراڻي جهيڙن جي ڪري شام جي عدم استحڪام ۾ وڏي هلچل پيدا ٿي سگهي ٿي، ان حوالي سان ئي عرب ملڪ به ٿورا پريشان ٿي ويا آهن ۽ انهن اهڙن سمورن معاملن تي سوچڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
اسد حڪومت جي زوال کانپوءِ وچ اوڀر جي کلاڙين تي انهن گروپن جي حڪمت عملي جي حوالي سان تمام گهرا اثر پوڻ شروع ٿي ويا آهن. سني باغي گروهن جن کي ترڪي جي مڪمل حمايت حاصل آهي، تن شام ۾ خطري جي انهن گهڙين مان تمام گهڻو فائدو حاصل ڪيو آهي، اسد حڪومت جا اتحادي پنهنجي سورن ۾ پورا هئا، روس يوڪرين جنگ ۾ ايترو ڦاسي پيو هو جو انهن ترڪي جي حوالي سان ايترو غور ئي نه ڪيو هو، ايران جي پراڪسي ڌڙن کي اسرائيل آمريڪي حڪمت عملي سان ايترو ته ڪمزور ڪري ڇڏيو جو هو پنهنجي مرڪزي قيادت کي بچائڻ جي چڪر ۾ شام واري چيپٽر کي ٿورو پاسيرو رکي ڇڏيو، لبنان جي حزب الله کي اسرائيل ڪامياب جاسوس ۽ ٽيڪنالاجي جي مدد سان تباهه ڪري ڇڏيو ۽ ان جي قيادت کي ئي مليا ميٽ ڪري ڇڏيو، جنهن سان هو پنهنجي وجود کي بچائڻ جي چڪر ۾ ٻئي پاسي سوچي ئي نه سگهيا ته مٿان کان شام تي حملو ڪري صورتحال کي نئون موڙ ڏنو ويو. اسرائيل جي جنگ شام جي باغين کي دمشق تائين پيش قدمي لاءِ راهه هموار ڪري ڏني. پر اها عالمي سامراجي قوتن جي حڪمت عملي گهڻن عرب ملڪن لاءِ پريشانيءَ جو سبب به بڻجي وئي آهي.
ترڪي پهرين کان ئي شام جي اترين علائقي تي ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو هو. جتي سندس فوج شامي ڪرد فورسز سان مسلسل ويڙهه به ڪري رهي هئي. هاڻ شام مخالف فورسز جي مدد سان ترڪي جي دمشق حڪومت تي پنهنجي گرفت مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. جتي سندس ڪرد اقليت لاءِ ڪيترائي مسئلا ڪر کڻي سگهن ٿا. اسرائيل به ان سڄي خوني ويڙهه ۾ پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪري ورتي آهي. اسد جي زوال نام نهاد “مزاحمت جي محور” ۾ خلل وڌو آهي. جنهن ۾ ايران شام ۽ تهران جي پراڪسي گروپن جهڙوڪ، لبنان ۾ حزب الله، غزه ۾ حماس ۽ يمن ۾ حوثي باغي شامل آهن. اسرائيل شام ۾ حزب الله لاءِ ايران جي مين فوجي سپلاءِ لائن کي مڪمل طور تي ختم ڪري ڇڏيو آهي. جنهن سان حزب الله جي ويڙهه واري سگهه مڪمل طور تي ختم ٿي وئي آهي، پر انهن لاءِ حماس کي به فوجي مدد سان گڏ سياسي حمايت کان به محروم ڪري ڇڏيو آهي. حزب الله کي شام ۾ فوجي سامان ٺاهڻ جي جيڪا سهولت مليل هئي اها هاڻ ناهي رهي، جنهن سان فلسطين جي ويڙهاڪ ڌڙن لاءِ به مسئلا پيدا ٿي ويا آهن.
شام ۾ مذهبي ۽ نسلي ڌڙن جي حڪمراني سان سڌو سئون فائدو اسرائيل ۽ آمريڪا کي ئي ٿي رهيو آهي. هاڻ هُو سولائيءَ سان پنهنجا مقصد حاصل ڪري رهيا آهن. انهن جي سرحدن کي هاڻ ڪو خطرو ناهي، انهن پنهنجي لکين يهودين کي آباد ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي زون قائم ڪري ڪارروائيون شروع ڪيون آهن. ان سڄي عالمي جنگ ۾ سڀ کان گهڻو نقصان ايران کي ئي کڻڻو پيو آهي. اسد ايران جي پراڪسي نيٽ ورڪ لاءِ اهم اتحادي هو. جنهن جو فائدو گهڻو تڻو اسرائيل ئي کڻي رهيو آهي. هاڻ ان علائقي ۾ ايران جو ڪو گهڻو اثر ناهي پر اسرائيل ۽ آمريڪا هاڻ کان ئي پوري علائقي تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ شروع ڪيو آهي، ڇو جو ويڙهه وارا ڌڙا ان جنگ جي دائري کان ئي ٻاهر ٿي ويا آهن.
شام جي ٽڪرا ٿيڻ سان ان جي پاڙيسري ملڪن، ترڪي، عراق، ايران، لبنان لاءِ به اهم سيڪيورٽي خطرا وڌي ويا آهن. مهاجرن جو نئون طوفان، سرحد پار ويڙهه، ملڪ جي گهرو ويڙهه انهن ملڪن کي سک سان ويهڻ ئي نه ڏيندي. شام جي 13 سالن جي گهرو ويڙهه سبب پهرين ئي 30 لک شامي مهاجر ترڪي جي سرزمين تي آباد آهن، جنهن لاءِ اردگان سالن کان انهن کي پنهنجي وطن موڪلڻ لاءِ اسد حڪومت تي عالمي دٻاءَ برقرار رکندو آيو آهي، جنهن ۾ هو ڪڏهن به ڪامياب ناهي ٿي سگهيو. عراق – لبنا لاءِ اهو عدم استحڪام انهن ملڪن جي سياسي ۽ اقتصادي صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيندو. نسلي ۽ مذهبي بنيادن تي شام جي صورتحال ٻين گورپن کي خطي ۾ پنهنجي خودمختياري قائم ڪرڻ نه ڏيندي. هاڻ اهڙيون حالتون پيدا ٿينديون جو اهي حڪومتون سندن خلاف شروع ٿيندڙ بغاوت کي به روڪڻ جي پوزيشن ۾ نه هونديون. جنهن سان ان پوري خطي ۾ وري سالن تائين نئين جنگ شروع ٿي ويندي. جنهن جو انهن گروپن کي ڪو فائدو نه ٿيندو پر ان سان اسرائيل ۽ آمريڪا ۽ سندن اتحادي ئي فائدو وٺي سگهن ٿا، نتيجي ۾ شام هاڻ ڪو هڪ ملڪ نه رهندو.
جيتوڻيڪ ڪيترن شامين اسد سرڪار جي خاتمي جو جشن ملهايو آهي پر هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڇا انهن جي زندگين ۾ بهتري آئي آهي يا عالمي قوتن جي ور چڙهي ويندا، جيڪي انهن کي عالمي پابنديون هٽائي خوشحالي جو درس ڏئي رهيا آهن. پر هن وقت جيڪا صورتحال آهي اها شامي معيشت کي مڪمل طور تي تباهه ڪندي ۽ انساني بحران پهرين کان وڌي ويندو ۽ انتهاپسندي پهرين کان وڌي ويندي، جنهن کي نه نام نهاد شامي جمهوري حڪومت ختم ڪري سگهندي نه ئي خطي جا عرب ملڪ انهن کي ڪنٽرول ڪري سگهندا.