شام ۾ پهرين ٻه بغاوتون ناڪام ٿيڻ کان پوءِ بشار الاسد خلاف ٽئين بغاوت ڪامياب ٿي وئي. بشار الاسد ۽ سندس خاندان لاءِ روس ۾ سياسي پناهه حاصل ڪرڻ جي روس سرڪاري طور تصديق ڪري ڇڏي آهي. شام ۾ انتشار 2011ع ۽ 2012ع کان جاري هو، جنهن جو ظاهري انجام آچر جي صبح ٿيو. “حيات التحرير شام” جي نالي سان ڪجهه وقت اڳ ٺهندڙ تنظيم شامي حڪومت کي رڳو 11 ڏينهن ۾ ختم ڪري ڇڏيو. حيات التحرير جا جنگجو اوچتو شام ۾ داخل ٿيا ۽ سوڀوڻ ماڻي اڳتي وڌندا ويا. انهن جو حلب تي قبضو جيترو حيران ڪندڙ هو، ان کان وڌيڪ حيرت دمشق ۾ انهن جي فتح تي ٿي. اڳين ٻن بغاوتن ۾ بشار الاسد جا مددگار ۽ سرپرست روس، چين ۽ ايران هن ڀيري رڳو بيانن تائين محدود رهيا، جڏهن ته روس هڪ قدم اڳتي وڌي شامي صدر (هاڻي سابق) ۽ سندس خاندان کي پنهنجي ملڪ ۾ سياسي پناهه ڏني. باغي تنظيم حيات التحرير شام جي سربراهه محمد الجولاني هن وقت اولهه، عرب دنيا ۽ آمريڪا جي اکين جو تارو آهي، پر ان کان اڳ آمريڪا هن جي سر جي قيمت 10 ملين ڊالر مقرر ڪري رکي هئي.
الجولاني دمشق جي جامع مسجد اميه ۾ خطاب ڪندي، “اسرائيل، ترڪي، آمريڪا ۽ انهن سڀني قوتن جو ٿورو مڃيو، جن بشار الاسد جي حڪومت جي خاتمي لاءِ حيات التحرير سان سهڪار ڪيو”. عرب دنيا ۾ لبنان کانسواءِ تقريباً سڀني حيات التحرير جي فتح جي آجيان ڪئي آهي. سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت بيان ۾ چيو آهي ته: “شامي عوام جي تحفظ لاءِ کنيل قدمن تي مطمئن آهيون”. هي اطمينان ڀريو سرڪاري موقف ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو ته، شام ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ۽ جيئن ٿيو، ان ۾ ڪير حيات التحرير جي پٺڀرائي ڪندڙ هو.
حيات التحرير جي فتح ۽ بشار رجيم جي شڪست تي ڳالهائينداسين، پر ان کان اڳ اسان وٽ (پاڪستان ۾) مختلف ويچار رکندڙ ديسي بدوئن جي پاروٿي ‘ڪڙي’ اُڀامي آهي، خاص طور تي هڪ وڏو جمهوريت پسند انقلابي صحافي ۽ اينڪر، جنهن جي هڪ شهرت اها آهي ته هن هڪ ڀيرو ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر خلاف شڪيل الرحمان کي خط لکيو ته، ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر مون کان جنسي آسودگيءَ جي خواهش رکي ٿو. ٻي شهرت اها آهي ته رپورٽر مان اوچتو روزانه پاڪستان لاهور جو ايڊيٽر، مالڪ کي اهو چئي مقرر ڪرايو ويو ته بي بي صاحبه (محترمه بينظير ڀٽو) چاهين ٿيون ته توهان جي اخبار جو ايڊيٽر اهو هجي. پيغام پهچائيندڙ ان وقت انٽيليجنس بيورو (آءِ بي) جو سربراهه هو.
تازو انهن جي هڪ ٽين شهرت به سامهون آئي آهي، اها اِها ته موصوف هر مرڻ واري سان آخري ملاقات ضرور ڪئي آهي. تازو ان جي آخري ملاقات ڊي چوڪ جي مقتول شفيق لنڊ سان ٿي. اهو موصوف پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي شام جي نئين منظرنامي بابت جيڪي فضول ڳالهيون ڪري رهيو آهي، ان سان ورهايل پاڪستاني سماج ۾ نفرت جو ڪاروبار ڪندڙن جي چاندي ٿي ويندي. اهڙي ريت هتي جا مختلف ويچار رکندڙ ديسي بدو آهن، جيڪي دنيا جي ڪنهن به هاڪاري ۽ ناڪاري واقعي کان پوءِ پنهنجي پنهنجي زنبيل مان هڪ جهالت واري روايت کڻي ظاهر ٿين ٿا. شام جي تازن واقعن تي به ديسي بدوئن جا مختلف “دانشور” جهالت وارين روايتن سميت مارڪيٽ ۾ آهن، ۽ پنهنجي پنهنجي هم خيال ماڻهن کان داد حاصل ڪري رهيا آهن. ٻنهي کي اها درخواست آهي ته، پنهنجا هَٽَ وڌائي ڇڏيو، ڇو ته انهن جي هَٽن تي وڪجندڙ شيون زهريليون آهن. شام جي تازي منظرنامي ۾ اسرائيل، ترڪي، سعودي عرب، آمريڪا ۽ يو اي اي جو ڪردار تمام اهم رهيو آهي. حيات التحرير جي جنگجوئن جي تربيت ۽ اڳڀرائيءَ لاءِ بنيادي ڪردار انهن ئي رياستن ادا ڪيو. هي جنگجو ترڪي جي رستي شام ۾ داخل ٿيا ۽ شروعات ۾ حلب تي قبضو ڪري ورتو. هن شروعاتي فتح تي بشار حڪومت الزام لڳايو هو ته، ترڪ جي هوائي فوج ويڙهاڪن کي حلب تائين پهچائڻ ۾ مدد ڪئي آهي. خير هاڻي اهو الزام تاريخ جو کاڄ بڻجي چڪو آهي.
هن وقت سڀ کان اهم بيان اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو آهي، جنهن بشار الاسد جي زوال کي وچ اوڀر لاءِ تاريخي ڏينهن قرار ڏيندي چيو ته، “ايران جي مزاحمت جو مرڪزي ڪڙي ٽوڙي وئي آهي”. اسرائيل جي قبضي هيٺ شامي علائقي گولان جي ٽڪرين جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو، ”هي انهن حملن جو سڌو نتيجو آهي، جيڪي اسان اسد جي حامين ايران ۽ حزب الله تي ڪيا”.
نيتن ياهو شام سان 1974ع جي معاهدي جي خاتمي جو اعلان به ڪيو. اسرائيلي وزيراعظم جي بيان کان ٿورو اڳ اسرائيلي فوج گولان جي ٽڪرين واري رستي شام ۾ داخل ٿي ۽ چئن سرحدي ڳوٺن تي قبضو ڪري اتي ڪرفيو لاڳو ڪيو.
اسان وٽ جيڪي مختلف خيال وارا ماڻهو شام جي مامري تي فرقيواراڻين توپن جا منهن کولي گولاباري ڪري رهيا آهن، انهن کي پنهنجي عقيدن جي کوهن مان نڪري زميني حقيقتون ڏسڻ ۽ سمجهڻ گهرجن. مصيبت اها آهي ته شام جي معاملي جو تجزيو ڪندي جيڪڏهن مسلم دنيا جي عرب حصي جي ڪردار تي ڳالهيو وڃي ته هڪ طبقو ڪفر جا فتويٰ ڏيڻ شروع ڪري ٿو ۽ جيڪڏهن وچ اوڀر ۾ سياسي ۽ فوجي طور پاڻ کي اهم ڌر مڃرائڻ لاءِ گذريل 46 سالن کان سرگرم ايران جي پاليسين ۽ انهن جي فائدن نقصان تي ڳالهه ڪجي ته هتي جا ايران نواز حلقا نه صرف ناراض ٿين ٿا پر فوراً اسرائيلي ايجنٽ هئڻ جو فتويٰ ڏئي ڇڏيندا آهن.
هن فرقيواراڻي تنگ نظري اسان وٽ آزاد تجزيي کي اُسرڻ ئي نه ڏنو. مثال طور آچر جي صبح کان اسان وٽ سوشل ميڊيا تي ڪاپي پيسٽ ماسٽرز جيڪو ڪجهه پنهنجي پنهنجي وال تي شيئر ڪري رهيا آهن، ان جي پاڪستان ۾ رهندڙ ماڻهن کي ڪيتري ضرورت آهي ۽ ڇا ان سان ٻين ماڻهن جي ڪا خدمت ٿي سگهندي؟ اسان جي راءِ ۾ فرقي پسنديءَ جي زهر کي وڌيڪ پکيڙڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. اهو صحيح آهي ته بشار الاسد کي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪندڙ حيات التحرير جا ويڙهاڪ فڪري طور تي القاعده ۽ داعش جا هم خيال آهن. رڳو ايترو ئي نه پر انهن جي اڪثريت جو واسطو به انهن ٻنهي تنظيمن ۽ اڳوڻي النصره فرنٽ سان آهي.
ٻي ڳالهه ته سندن تازين سوڀن دوران هلڪي ڦلڪي مزاحمت ته ٿي، پر اهڙي مزاحمت ڏسڻ ۾ نه آئي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ته ڪير ڪنهن پاسي بيٺل هو. يا هي ته ماضي ۾ سرگرم رهندڙ غير مقامي مليشيائن هن ڀيري به شامي حڪومت کي بچائڻ لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪيو يا نه. اهو به صحيح آهي ته ماضيءَ جي ٻن بغاوتن، جن جي شروعات 2011ع کان ٿي، ايران، ايران نواز لبناني حزب الله ۽ ڪجهه ٻيون هٿياربند تنظيمون بشار حڪومت جون نه رڳو حمايتي هيون پر انهن داعش کي شڪست ڏيڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. هتي اهو ياد رکڻ ضروري آهي ته ساڳئي عرصي دوران عراق ۾ شڪست کائيندڙ داعش خلاف صرف مقامي مزاحمت ڪامياب ٿي، ۽ اها مقامي مزاحمت هڪ وڏي شيعه عالم دين آيت الله سيد سيستاني جي فتويٰ تي شروع ٿي، جنهن کان پوءِ اهل سنت عراق جي مفتي اعظم پڻ حمايت ڪئي هئي.
انهن سالن ۾ اسان هنن ئي ڪالمن ۾ اهو عرض ڪيو هو ته: “عراق ۽ شام ۾ داعش جي ظهور ۽ ان جي سفاڪاڻين ڪاررواين جو مقصد فرقيواريت کان وڌيڪ علائقي ۾ اسرائيل جي ناقابل شڪست حيثيت کي مڃرائڻ ۽ ٽن عرب ملڪن ۾ مذهبي سياحت جي وڌندڙ رجحان جي ڪري شام ۽ عراق جو ان مذهبي سياحت ۾ پنهنجو حصو وٺڻ به آهي”. جنهن حوالي سان هڪ طبقو اهو چئي رهيو هو ته، عراق ۽ شام ۾ مذهبي سياحت جي وڌڻ سبب ان وقت جي سعودي قيادت ناراض آهي. ان راءِ جو تجزيو ڪندي تڏهن به عرض ڪيو هو ته: “اهو انڪري به درست ناهي ته سعودي عرب جي مذهبي سياحت حج ۽ عمرو، مسلمانن جي سمورن فڪري مڪتبن ۾ هڪجهڙي اهميت رکي ٿو. البته، عراق ۽ شام جي مذهبي سياحت 90 سيڪڙو ته اهل تشيع جي سڀني عقيدن جي جذبن سان وابسته آهي ۽ 10 سيڪڙو زائرين جو واسطو صوفي، سني، اسماعيلي شيعه ۽ بوهره شيعه وغيره سان آهي”.
پيارا پڙهندڙو، اڄ جو ڪالم شام جي زوال يا سوڀ تي تمهيدي سِٽن يا مهاڳ تي ٻڌل آهي. اسان ايندڙ ڪالمن ۾ شام جي تازي منظرنامي جي پس منظر، علائقائي ۽ عالمي سياسي مفادن ۽ ٻين نقطن تي ڳالهائينداسين. اڄ لاءِ فقط ايترو عرض ته هي رڳو هڪ رُخي معاملو هرگز نه آهي ۽ اهو به ته حماس ۽ حزب الله جي تباهيءَ، حيات التحرير جي تجربي جي ڪاميابيءَ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي. حماس ۽ حزب الله ڇو تباهه ٿيون؟ اهو اهڙو سوال ناهي جو جنهن لاءِ ڊگهي مغز ماريءَ جي ضرورت پوي.
(هلندڙ)